اسان جا هزارين تربيت يافته ويڙهاڪ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ تيار آهن: حزب الله سربراهه

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم اسرائيل خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نعيم قاسم لبناني عوام کي خطاب دوران اعلان ڪيو ته اسان جي هزارين تربيت يافته ويڙهاڪ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ تيار آهن.
هن چيو ته اسان جي جنگ رڳو جنگي ميدان ۾ ئي ختم ٿيندي سياسي ميدان ۾ نه، فلسطيني ڪاز ثابت قدم آهي ۽ اسرائيلي جارحيت باوجود فتح حاصل ڪندو.
سندس چوڻ هو ته مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، ويڙهاڪ ۽ پارٽي هڪ ٺوس اسلامي نظريو رکن ٿا، جيڪو سچائي تي ٻڌل آهي، اسان جا سمورا ويڙهاڪ شهادت لاءِ تيار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.