جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ صرف 10 سال پوئتي وينداسين ته پاڪستان ۾ دهشت گردي عروج جي انتها تي پهتل هئي. روزانو خودڪش حملا ٿيندڙ هئا. پوءِ به چيني انجنيئر محفوظ رهيا. هاڻي جڏهن خودڪش حملا به بند آهن پوءِ ڇو چيني انجنيئر مارجي رهيا آهن؟ ان ۾ به ڪا منطق آهي. ڪٿي ائين ته ناهي ته آمريڪا نٿو چاهي ته پاڪستان آمريڪا جي بلاڪ مان مڪمل طور اڏار ڪري چين جي بلاڪ ۾ وڃي ويهي. پاڪستان ۾ چين جو ڪوبه ماڻهو اڪثر ڪري محفوظ ناهي. لڳي ٿو ته چين پاڪستان مان مايوس ٿيندي معاشي منصوبن جي حوالي سان افغانستان طرف ڌيان ڏيڻ تي سوچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ چيني انجنيئر 100 سيڪڙو محفوظ آهن. هن وقت طالبان افغانستان کي پاڪستان جي مقابلي ۾ ايشيا خاص طور وچ ايشيا جو معاشي حب بنائڻ جي جستجو ۾ آهن. افغانستان جن معاشي منصوبن کي اهميت ڏيئي ٿو انهن ۾ بجلي سيڪٽر کي بهتر ڪرڻ پوري افغانستان ۾ بجلي جون وڏيون وڏيون لائينون وڇايون پيون وڃن ۽ ملڪ ۽ عوام کي 24 ڪلاڪ بجلي ڏيڻ لاءِ وڏيون وڏيون گرڊ اسٽيشنون تعمير ڪيون پيون وڃن انهن منصوبن تي چيني انجنئير ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه افغانستان جي مختلف صوبن مان تيل ۽ گئس جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي انهن رٿائن تي به چيني انجنيئر ڪم ڪري رهيا آهن. ريلوي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. گئس جا ذخيرا مليا آهن. اصل ڪهاڻي جيڪا افغانستان جي خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي اها آهي ملڪ ۾ امن و امان جي. ڏاڍو بهتر آهي ۽ مين پاور به افغانستان ۾ سستو موجود آهي. تازو چيني سفير جي بيان پويان پاڪستان جي وزارت خارجا بيان ڏنو آهي جيڪو نه ڏيڻ گهرجي ها. پاڪستان ڄڻ ته ککر ۾ کڙو وهاڻي ڪڍيو آهي. چين ان ڳالهه کان انڪاري آهي ته چيني انجنيئرن جي مرڻ کان پوءِ پاڪستان ڏاڍيون تسليون ڏيندو ۽ چين کي مطمئن ڪندو آهي پر پوءِ به وري ساڳي ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
هاڻي چين کي پاڪستان مٿان اعتبار کڄي ويو ويو آهي. عمران خان جي دور حڪومت ۾ چيني انجنيئر قتل ڇو ڪونه پيا ٿين؟ اهو به هڪ پنهنجي جاءِ تي سوال موجود آهي. هاڻي ٻه سوال ذهن ۾ اچن ٿا يا ته چين کي پاڪستان جي ڏاڍي ضرورت آهي ته جيئن چين پاڪستان جي رستي کان ٿيندو عالمي مارڪيٽ تائين پهچندي پنهنجي معيشت کي تيزيءَ سان مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. ان جي ڪري چيني مجبورن پاڪستان ۾ اربن ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. چين ڄاڻي ٿو ته پاڪستان ۾ سياسي ويڙهه ختم ٿيڻ واري ڪونهي ڇاڪاڻ ته سياسي ويڙهه ذاتي مفادن خاطر وڙهي پئي وڃي جيڪو ملڪ ۽ عوام سان وفادار ۽ سچو آهي ان کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. ان ڪري پاڪستان جو هاڻي معاشي طور اڀرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
چين چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪهڙي به امن و امان واري خراب صورتحال ڇو نه هجي چين پاڪستان مان ڪڏهن به هٿ نه ڪڍندو ۽ پنهنجي مفادن خاطر اهڙي طرح ڪم هلندو رهندو. پاڪستان مڪمل طور معاشي طوفان ۾ ڦاسي ويو آهي. چين جي ناراضگي ۽ وارننگ کي ڪڏهن به سنجيدگي سان نه ورتو آهي. اسان کي خبر به آهي ته دنيا مفادن کان سواءِ اڳتي ڪونه وڌي رهي آهي. هن وقت به چين جا پاڪستان ۾ انيڪ مفاد آهن. چين دنيا جي منڊيءَ تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان کي استعمال ڪري رهيو آهي. پوءِ ان لاءِ چين کي مالي توڙي جاني قرباني ڏيئڻي به پوي ٿي ۽ ڏئي ٿو پر پوئتي ڪونه ٿو هٽي.
عالمي مارڪيٽ تائين پهچڻ لاءِ چين کي اڃان به مالي ۽ جاني الائجي ڪيتريون قربانيون ڏيئڻون پونديون. چين جي ذهن ۾ جيڪي ملڪ جي ترقي لاءِ مفاد آهن اهي سندس سوچ مطابق ڏنل قربانيون ڪجهه به ناهن ۽ اهي قربانيون سندس مفادن کان گهڻيون اهم به ناهن. چين جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ موجوده حالتن ۾ ڪري رهيو آهي ان مان پاڪستان کي نه گهٻرائڻ گهرجي. وزارت خارجه جي حوالي سان پاڪستان ۽ ٻين پنهنجي عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اهڙا بيان جاري ڪندا رهندا آهن. پريشان يا مايوس ٿيڻ جي ان ۾ ڪابه ڳالهه ناهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي به ڏاڍي پراڻي آهي. اها معمولي واقعن ۾ ٽٽڻ مشڪل آهي. پاڪستان جا سعودي عرب ۽ ٻين مسلمان ملڪن سان وقتن ۾ لاڳاپا خراب ٿيندا رهيا آهن پر چين سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ئي رهندا پيا اچن. پاڪستان جا لاڳاپا ايران، قطر ۽ متحده عرب امارات سان به خراب رهيا آهن وري اڳتي هلي بهتر به ٿيا آهن. پاڪستان کان هميشه مايوس رهندڙ آمريڪا جا پاڪستان سان به لاڳاپا ڪي بهتر نه رهيا آهن ان جي مقابلي ۾ چين پاڪستان جو بهترين دوست آهي. هن وقت جيترا انجنيئر چين جا پاڪستان ۾ قتل ٿيا آهن جيڪڏهن ايترا ماڻهو آمريڪا جا قتل ٿين ها ته آمريڪا اڄ پاڪستان لاءِ هميشه پنهنجا در بند ڪري ڇڏي ها. سوال اهو به آهي ته آمريڪي ماڻهن کي پاڪستان ۾ تحفظ حاصل آهي ته پوءِ چيني ماڻهن کي ڇو نه؟ جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سي پيڪ جي حوالي سان تعلقات هيٺ مٿي ٿيندا رهيا آهن پر پوءِ به ٻنهي ملڪن خوش اسلوجيءَ سان مسئلا حل ڪيا آهن ۽ انهن جي ٻڙڪ ٻنهي ملڪن ٻاهر نه ڪڍي آهي. چين ڪوشش ڪندو آهي ته وزارت خارجا جي ترجمان جي حوالي سان اهڙا بيان جاري نه ٿيڻ گهرجن جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪو ڏار پيدا ٿئي ۽ دشمن کي ڪو جواز ملي وڃي. چين جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته ڳالهين کي سفارتي ذريعن وسيلي حل ڪيو وڃي. جڏهن دنيا پاڪستان کي معاشي طور اڪيلو ڪري ڇڏيو هو ۽ پاڪستان کي ڪوبه ملڪ قرض ڏيڻ لاءِ راضي ڪونه هو اتي چين مشڪل وقت ۾ پاڪستان کي قرض ڏئي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو. پاڪستان جي مالي مدد آمريڪا گهٽ چين وڌيڪ ڪئي آهي. پاڪستان کي چين جي سخت ضرورت آهي. چين پاڪستان جو سهڪاري هوندو ته بجلي جا مسئلا به حل ٿيندا. نوان روڊ ٺهندا، موٽرويز ٺهندا ۽ نوان بجلي جا ڪارخانا تيار ٿيندا. اڳوڻي وفاقي وزير مواصلات، تحريڪ انصاف مراد سعيد به ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندو رهيو ۽ ان ڪرپشن جو تعلق به سي پيڪ سان هو ان بابت چين به آواز اٿاريندو رهيو پر ٿيو ڪجهه به نه.