لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته ”جيڪڏهن منهنجي پيءُ کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار پاڪستاني حڪومت هوندي.“
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ قاسم خان چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پيءُ کي ڪجهه ٿيو ته ان جي مڪمل ذميواري پاڪستاني حڪومت تي هوندي.
قاسم خان موجب، منهنجي پيءُ کي گرفتار ٿئي 845 ڏينهن گذري چڪا آهن، گذريل ڇهن هفتن کان کيس هڪ ڊيٿ سيل ۾ اڪيلو رکيو ويو آهي، عدالتي حڪمن جي باوجود سندس ڀينرن کي ساڻس ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي.
هن دعويٰ ڪئي ته ”عمران خان سان نه ڪنهن جو فون تي رابطو ٿيو آهي، نه ملاقات ۽ نه ئي ان ڳالهه جي تصديق ٿي سگهي ته هو زنده آهي، منهنجو يا منهنجي ڀاءُ جو پنهنجي پيءُ سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي ٿي سگهيو.“
قاسم خان چيو ته ”هي مڪمل بليڪ آئوٽ ڪو حفاظتي پروٽوڪول نه آهي، پر سندس حالت لڪائڻ ۽ ڄاڻي واڻي اسان جي خاندان کي اِهو ڄاڻڻ کان روڪڻ جي ڪوشش آهي ته هو محفوظ آهي يا نه.“
هن زور ڏنو ته ”مان هتي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجي پيءُ جي حفاظت ۽ هن غير انساني ورتاءُ جي نتيجي ۾ جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو، ته ان جي مڪمل ذميواري پاڪستاني حڪومت تي هوندي.“
پنهنجي بيان ۾ قاسم خان عالمي برادري ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمون اپيل ڪندي چيو ته ”هو ترت ان معاملي ۾ مداخلت ڪن، سمورا ادارا عمران خان جي زندگي جي تصديق جو مطالبو ڪن، عدالتي حڪمن موجب ساڻس ملاقات ۽ پهچ کي يقيني بڻائين ۽ پاڪستان جي سڀ کان مقبول اڳواڻ جي آزادي جو مطالبو ڪن، جنهن کي سياسي بنيادن تي قيد ۾ رکيو ويو آهي.“
You might also like