اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو سڄو ڌيان هڪ غير قانوني مطالبي تي کتل آهي، جنهن ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڀوڳيندڙ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ شامل آهي.
وفاقي وزير عطا تارڙ هڪ بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي اهڙو سياسي طريقيڪار اختيار ڪيو آهي، جنهن سبب صوبي جي عوام لاءِ گورننس جي فراهمي پٺتي هلي وئي آهي.
هن چيو ته ”هي اهڙو وقت آهي جڏهن توهان کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ گهرجي، پوليس ريفامز، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، پر هتي معاملو ئي ٻيو آهي.“
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مبينا طور تحريڪِ انصاف جي هڪ عورت سياستدان انتهائي ناڪاري حڪمت عملي تحت افغانستان مان هلندڙ ملڪ دشمن اڪائونٽس ۽ ڀارتي ميڊيا تي عمران خان بابت هڪ اڻ وڻندڙ مهم هلائي، جنهن ذريعي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ جي عورت سياستدان عمران خان بابت ناڪاري مهم هلائي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: عطا تارڙ
You might also like