راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان صحتمند آهي ۽ جيل ۾ ايندڙ هر ماڻهوءَ جي پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات ڪرائي ويندي آهي.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ محفوظ ۽ صحتمند آهي، هفتي هڪ ڀيرو ساڻس بشريٰ بي بي جي ملاقات پڻ ڪرائي ويندي آهي.
ذريعن موجب، اڊيالا جيل ۾ هڪ بيرڪ جا 6 ڪمرا پي ٽي آءِ باني جي استعمال هيٺ آهن، ان کانسواءِ هن لاءِ ٽي وي ۽ اخبار جي سهولت به موجود آهي.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٻاهران کاڌو گهرائڻ جي اجازت آهي، ٻاهران ديسي ڪڪڙ ۽ مڇي گهرائي ويندي آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتون جيل مينوئل موجب ڪرايون وينديون آهن، اڊيالا جيل جي حدن ۾ ايندڙ هر شخص جي ملاقات ڪرائي ويندي آهي، اڊيالا جيل جي حدن کان ٻاهر واور معاملو جيل انتظاميا جي ذميواري ناهي.
عمران خان صحتمند قرار، اڊيالا ايندڙ هر ماڻهوءَ جي ساڻس ملاقات ڪرائي ويندي آهي: جيل ذريعا
You might also like