تڪراري مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي تازو ئي پاڪستان جو دورو ڪيو، جيڪو اٽڪل هڪ مهيني جو ھو. کيس سرڪاري مهمان طور دعوت ڏني وئي هئي. پاڪستان ۾ سندس لکين مداح موجود آهن جيڪي وڏي تعداد ۾ سندس تقريرن ۾ شريڪ ٿيا ۽ ايمان تازي ڪرڻ جو ماحول جڙندي ڏٺو ويو.ڊاڪٽر نائيڪ هندستاني ڄائو آهي پر مني لانڊرنگ جهڙي ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي ڪري کيس ملڪ مان بي دخل ڪيو ويو آهي ۽ ملائيشيا جي اڳوڻي صدر مهاتير محمد جي حڪومت کان وٺي ملائيشيا ۾ رهي ٿو. هن تي هندستان ۾ مذهبي ويڇا پکيڙڻ جو پڻ الزام آهي. هو ھڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ 5 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهتو جتي سرڪاري پروٽوڪول سان سندس آجيان ڪئي وئي، جنھن جي ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا ڪوريج ڪئي. اهڙيون وڊيوز به منظر عام تي آيون، جن ۾ ھن کي لشڪر طيبه جي ميمبرن سان ملاقات ڪندي ڏٺو ويو.سوشل ميڊيا تي عقيدتمند آڌرڀاءَ ڪندي سندس نرڙ چمندي نظر آيا. ھن کان اڳ ڊاڪٽر نائيڪ 1991 ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان آيو هو ۽ ڊاڪٽر اسرار احمد سان ملاقات ڪئي هئي. چيو وڃي ٿو ته ڊاڪٽر اسرار احمد ساڻس ملاقات کان پوءِ چيو هو ته ’يا ته ڊاڪٽر ٿي وڃو يا مبلغ، ڪنھن هڪ رستي جي چونڊ ڪريو‘.
هاڻي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي واپسيءَ جو وقت اچي ويو آهي ۽ هو ٻيهر ملائيشيا روانو ٿيندو ته ھڪ نظر ان تي وجھي سگھجي ٿي تھ پاڪستان جا عوامي، سماجي، اقليتي ۽ مذهبي حلقا سندس باري ۾ ڪھڙي راءِ رکن ٿا. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جو دورو ڪيو جتي لکين ماڻهن تي ٻڌل مذهبي ميڙاڪا ٿيا،جن جي ڪوريج ڪيترن ئي هفتن کان سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ رھي آهي.
عورتن، سماج، مذهب ۽ اقليتن بابت سندس بيان اڪثر تنگ نظريءَ جو تاثر ڏيندي مليا.سينيئر صحافي ۽ نقاد محمد حنيف پنهنجي وي بلاگ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي پاڪستان جي دوري تي دلچسپ روشني وڌي ۽ ڊاڪٽر ذاڪر کي پاڪستاني مولوي حضرات جي فتوائن جي سنجيدگيءَ کان به آگاهه ڪيو. محمد حنيف جو خيال هو ته اسان جي ملڪ جا خزانا ته خالي رھن ٿا پر پاڪستان ۾ عالمن ۽ مفتين جي لاءِ ڪو گھاٽو نھ آھي.اسان وٽ ھر مزاج جا مولوي ملي ويندا ۽ جڏھن حڪومت کي لڳو تھ اسان عوام کي ماني ڳڀو ۽ تعليم نھ پيا ڏئي سگھون تھ پوءِ کين ھڪ انترنيشنل مولوي ڏنو وڃي.ايئن ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي هڪ مهيني لاءِ پاڪستان جي دعوت ڏني وئي.ذاڪر نائيڪ ھڪ تھ ڪوٽ پينٽ پائي ٿو ۽ ٻيو تھ ڪافرن کي مسلمان ڪري ٿو وٺي ٿي ۽ ٻڌو آھي تھ لکين ڪافرن کي مسلمان ڪري چڪو آھي.سندس بقول هندستان مان نيڪالي جو سبب هندن کي مسلمان ڪرڻ ئي ھو“
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جا بيان،پاڪستان ۾ ميڙاڪن کي خطاب دوران مختلف سطحن تي تڪرارن کي جنم ڏيندا رھيا.چاهي اھو اسلام آباد جي يتيم خاني ۾ سر کان پيرن تائين ڍڪيل ڇوڪرين کي ايوارڊ ڏيڻ جو معاملو هجي، لاهور ۾ اداڪاره يشما گل جي سوال جو جواب ھجي،ڪرسچن نوجوان جو قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ ڪيل پچايا پلوشه مروت جو مدرسن ۾ شاگردن سان جنسي زيادتي جو سوال ھجي. ڊاڪٽر ذاڪر سمورن موقعن تي خفا ٿي ھٿن مان نڪرندي ڏٺو ويو بلڪھ تنقيد جو بھ ڀرپور نشانو بڻيو. سندس بيانن تي سماجي ۽ عوامي حلقن ۾ بحث ٿيا.
ڊراما نگار ۽ نقاد محترمه نور الهديٰ شاهه به ڊاڪٽر ذاڪر جي هن دوري کي هڪ مبصر جي نظرن سان ڏسندر رھي آهي ۽ هن چيو ته ”ذاڪر نائيڪ کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيڻ رياست جو هڪ اهڙو اقدام هو، جنهن جو مقصد عوام جو ڌيان ملڪي حالتن کان موڙي مذهب ڏانهن ڇڪائڻ ھو. اھو رياست جو 75 سالن جو ٽوٽڪو آھي تھ ملڪ جي حالتن کان عوام جو ڌيان ڪيئن هٽايو وڃي ۽ مذهب جو دڪان کوليو وڃي. پر هن ڀيري ذاڪر نائيڪ جي لکين جي ميڙاڪن ۾ اهڙا نوجوان به شامل هئا جن چڀندڙ سوال پڇيا جن جي جواب ۾ ذاڪر نائيڪ ٻڏتر جو شڪار ۽ لاجواب ٿيندي نظر آيو . نورالهديٰ شاهه موجب پاڪستان هڪ مسلمان ملڪ آهي ۽ ھتي ڪنھن اهڙي جادوگر دعوت ڏئي گھرائڻ هڪ غير ضروري قدم هو پر خوشي جي ڳالهه اها آهي ته رياست جو مذهبي ڪارڊ وائکو ٿي ويو.ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي پاڪستان اچڻ سان لکين مسلمانن لاءِ اتساهه پيدا ٿيو، اتي عيسائي برادري جي مختلف نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اهي به توقع ڪري رھيا ھئا تھ ڊاڪٽر نائيڪ هن لاءِ بھ متوازن مزاج رکندو.
پر صحافي سبوخ سيد موجب ڊاڪٽر نائيڪ کي دين جو ھڪ عالم سمجھڻ غلط ٿيندو، هو مناظر جي ٿيوري تي يقين رکي ٿو ۽ ان انداز جي جھلڪ سندس هر پنڊال ۾ نظر آئي. پر سبوخ سيد، جيڪو ساڻس گڏ هڪ ٽي وي پروگرام به رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي، چيو ته ڊاڪٽر نائيڪ کي جيڪڏهن سندس اردوءَ ۾ رعايت ڏني وڃي ته غلط نه ٿيندو، مثال طور، بادشاهي مسجد ۾ جڏهن هو عيسائي برادريءَ سان مناظري ۾ رڌل ھو تھ ”سينيئر “ کي “مڙس جو پٽ “ سان تشبيھه ڏيندي چيو تھ ” توھان مان ڪو مڙس جو پٽ ھجي تھ وٺي اچو “. هتي مڙس جي پٽ مان ھن جي مراد سينيئر يا تجربيڪار ھئي. عيسائي برادريءَ جي نمائندن جو خيال هو ته هو ان وقت مختلف مذهبي سانحن جي ڪري دل برداشت آهن ۽ ھن عدم رواداري جي ماحول ۾ ڊاڪٽر نائيڪ جهڙي مناظرباز کي سرڪاري مهمان ڪري آڻڻ تي حيران ۽ پريشان آھن.
مسيحي برادري جي هڪ اهم بشپ آزاد مارشل، ڊاڪر نائيڪ جي پاڪستان جي دوري بابت صدر پاڪستان کي خط لکيو، جنهن ۾ اهو سوال به پڇيو ويو آهي ته ”ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي ڇو ۽ ڪنهن جي طرفان دعوت ڏني وئي هئي؟“هن مضمون لاءِ مون ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي دوري بابت جميعت علماءِ اسلام ف جي راءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ترجمان اسلم غوري پنهنجي طبيعت خراب ھجڻ سبب جواب ڏيڻ کان معذرت ڪئي.
اسلام آباد جي سويٽ هوم نالي يتيم خاني جي انتظاميا جڏھن ذاڪر نائيڪ کي اداري ۾ ٻارن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي دعوت ڏني ته ذاڪر نائيڪ پردي ۾ ٽين ايج نياڻين ۾ سندون ورھائڻ کان اھو چئي انڪار ڪيو تھ اھي ” نا محرم آهي“ ۽ اسٽيج تان لھي هليو ويو. هڪ عالمي شهرت يافته مبلغ جي اهڙي رويي پاڪستان تھ ڇا، سڄي دنيا جي ميڊيا کي مٿس تنقيد جو موقعو ڏنو ۽ سڀني اھو سوال ڪيو ته، ”ڇا ذاڪر نائڪ کي اڳ ۾ اھا خبر نه هئي ته سوئيٽ هوم ۾ يتيم ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٻئي رهن ٿا ؟ ۽ ڇا ڪنهن بھ مذهب جي مبلغ کي اهڙو جارحاڻو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ هر مذهب انسانيت جي بنياد تي وڌندو رهي ٿو، تنگ دلي ۽ تنگ نظري ڪنهن به نظريي کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندا آهن.ٻئي طرف مذهبي اسڪالر جاويد احمد غامدي جي پيروڪار خورشيد نديم جو خيال آهي ته ”مان ھن وقت ڊاڪٽر نائيڪ جي دوري جي حڪمت نھ سمجهي سگهيس ته رياست يا عوام ھن دوري مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ڊاڪٽر نائيڪ مناظري جي نمائندگي ڪري ٿو پر جڏهن اسان سماجي سطح تي ڳالهايون ٿا ته اسان جي گفتگو ۾ اعتدال لازمي آهي. پر ڊاڪٽر نائڪ جي اچڻ سان اسان جي ملڪ ۾ مذهبي سطح تي مختلف فرقن جي وچ ۾ تلخيون وڌيون ويون “
ذاڪر نائيڪ جي پاڪستان جي دوري کي صحافي سبوخ سيد ’سموڪ اسڪرين‘ سان تشبيهه ڏني آهي، اھا سموڪ اسڪرين ”جنهن تي رياست دونھن ڇڏڻ “ لاءِ ذاڪر نائيڪ کي گھرايو ويو. ماڻهو پنهنجا مسئلا وساري ذاڪر نائيڪ کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ تنقيد ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا.صحافي سبوخ سيد موجب، جيتري قدر ڊاڪٽر نائيڪ جي مذهب جي تشريح جو تعلق آهي، ته هو ”مذهبي اسڪالر“ نه آهي، هو پراڻي انداز ۾ مذھب جي تشريح ڪري ٿو، هو هڪ مناظر باز بحث آهي. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هن جا لکين پوئلڳ موجود آهن.“ انهن مان هڪ وڏو تعداد ڊاڪٽر اسرار احمد جي فڪر کي مڃيندڙن جو آهي.