روس جي سائيبيريا سميت مختلف رياستن ۾ برفباري ٿيڻ ۽ کاڌو ختم ٿيڻ کان پوءِ پنهنجون زندگيون بچائڻ لاءِ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جو رخ ڪندا آهن، سياري جي موسم ۾ لکين مختلف قسمن جا پکي ٺٽي ضلعي جي مختلف ڍنڍن ڪينجهر، هاليجي، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، جاتي ۽ ٻين علائقن ۾ قائم ڍنڍن ۾ اچي پنهنجا دير ڄمائيندا آهن ۽ هتي پاڻ کي محفوظ سمجهي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ چار مهينا هتان جي ڍنڍن ڍورن ۾ عارضي آشيانا قائم ڪندا آهن، اسان جا ماڻهو انهن پکين جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ انهن کي ماري پنهنجي پيٽ جي بک اجهائين ٿا، تيزي سان شڪار ٿيڻ ڪري هن معصوم پکين جي هر سال نسل ڪشي ٿئي ٿي ۽ هتان جي شڪارين کي ڪوشش هوندا آهن ته جيترا به پکي هتي پهچن اهي انهن کي واپس پنهنجي ديس تي وڃڻ کان اڳ موت ڏئي کپائي وڏو پئسو ڪمائين، هن وقت به هتي پهتل وڏي تعداد ۾ پرديسي پکين جي نسل ڪشي جاري آهي.
اهي پرديسي پکي جيڪي هن خطي کي محبتي ماڻهن جو ديس سمجهي هتي اچن ٿا، انهن کي ڪهڙي خبر ته هتان جا ماڻهو سندس ويري ٿي بيٺل آهن، جيڪي سندن آمد کان اڳ انهن کي ڦاسائڻ لاءِ ڦندا واٽن تي وڇائي سندن شڪايت لاءِ تيار بيٺل آهن، انهن پکين کي ته اها به خبر ناهي ته سندس تحفظ ڪرڻ واري کاتي جا ماڻهو به لالچن تي وڪامجي ويا آهن، جيڪي پنهنجي فرض شناسي جي رقم وٺي معصوم پکين جي شڪار تي خاموش ٿي ويٺل آهن، جيڪو به سندن کيسو گرم ڪري ٿو ان کي پکين جي شڪار جي ڇوٽ ڏني وڃي، جيڪي هر مهيني ساڻن ڏيتي ليتي ڪن ٿا، انهن لاءِ ڪو به پکي مارڻ ڏوهه ناهي.
پکين جي تحفظ لاءِ جوڙيل کاتي جي عملدارن ئي پکين جي قتلام ڪرڻ تان شڪارين سان مختلف ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ خوبصورت نسل جي ڪونج هڪ هزار روپيه، هنجر ڊگوش ۽ نيرڳي 900 کان 800 روپيه، ٿرانڊو، ڌونئري 1300 کان 1400، چيغلو ۽ آڙي 1500 کان 1200 ملهه مقرر ڪيو ويو آهي، جهمپير، ڪينجهر ۽ سونڊا سميت ڏاکڻي پٽي جي ڍنڍن ڍورن تي پرديسي پکين جي قاتلن پنهنجا ٿاڪ ٺاهي ورتا آهن، ڍنڍن ۾ لهندي ئي پکين جي بندوقن جي ٺڪائن ۽ ڇرن سان آجيان ڪئي ويندي، بندوقن ۽ ڄارن کان سواءِ هن وقت هتان جي مارين پکين کي دوکي سان ڦاسائڻ جو هڪ نئون طريقو به هٿ ڪري ورتو آهي، ايم پي ٿري جي ميموري ڪارڊ ۾ مختلف نسل جي پکين جا آواز رڪارڊ ڪري اهو ايم پي ٿري جو آواز کولي انهيءَ رڇ جي هڪ ڪاٺ ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا، نوان ايندڙ پکي ان آواز کي ٻڌي لهي اچن ٿا ۽ رڇن ۾ ڦاسي پون ٿا. ڪيترا پکي بندوقن جي ڌڪ لڳڻ شرط مري وڃن ٿا يا معزور ٿي وڃن ٿا، جن پکين ۾ نيرڳي، ٿرانڊو، آڙي، چيغلو، ڊگوش، لاکي ڄاڃي، ڪونج، ڪيڻاٺي ۽ هنجر سميت ڪيترا ناياب پکي شامل آهن، جن جي هن وقت وڏي بيدردي سان نسل ڪشي عروج تي پهتل آهي. ڪاري ناياب پکين کي پڪڙي رات جي پيٽ ۾ ٻين شهرن ڏانهن وڪرو ڪرڻ لاءِ موڪليندا آهن، جنهن ۾ وڏن پکين جي شهرين ۾ گهرج گهڻي آهي، انهيءَ ڪري به گهڻي ڊمانڊ آهي، جو بااثر وڏن ماڻهن جي پٽن جي شادين ۾ هنن پکين جو ناياب گوشت به شادي جو مان مٿانهون ڪري ٿو ڇڏي.
هزارين روپين ماهوار شڪارين کان منٿلي ورتي وڃي ٿي، جيڪو شڪاري منٿلي صحيح نٿو ڏئي انهيءَ کي سوگهو ڪري ڏنڊ هڻي ميڊيا تي آڻي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رڪارڊ جو پوراءُ ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن مٿان ڪا ٽيم اچڻي هوندي آهي ته منٿلي ڏيڻ وارن شڪارين کي اڳ ۾ آگاهه ڪيو ويندو آهي، مون کي حيرانگي ٿيندي آهي ته شڪارين کي ايتري ڇوٽ مليل هوندي آهي جو ڪينجهر سامهون ٺٽي ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڪيترائي ماڻهو پکي کڻي ايندڙ ويندڙ گاڏين وارن کي پکي وڪرو ڪري ڏيندا آهن، ڇا انهن پکي کپائيندڙن تي لاڳاپيل کاتي جي نظر نه پئي هوندي، پر پيسن جي لالچ سندن زبان بند ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. جيئن ئي پرديسي مهمان پکي هتي پهچن ٿا ته دبئي جا عرب شهزاده به پکين جي شڪار لاءِ هتي پهچي وڃن ٿا، عرب شهزادن جا به ٺٽي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي ۾ رهائش لاءِ ٺڪاڻا قائم ٿي وڃن ٿا، جيڪي شهزاده شڪار جا وڏا شوقين آهن، انهن شهزادن کي خوش رکڻ لاءِ ۽ انهن جو تحفظ خود گيم وارڊ ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جا عملدار پاڻ ڪن ٿا ۽ عرب شهزادن کي شڪار ڪرائين ٿا.