اتر ڪوريا جو بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

آمريڪي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ اتر ڪوريا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب اتر ڪوريا بين البراعظمي ميزائل تجربي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
اتر ڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان موجب آءِ سي بي ايم ميزائل تجربو مناسب فوجي ڪارروائي، دشمنن سان مقابلي جي عزم جو اظهار ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ دشمنن لاءِ تنبيهه آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته اتر ڪوريا جي ميزائل اڏام ڀريندي هڪ هزار ڪلو ميٽر فاصلو ڪاميابي سان طئي ڪيو ۽ جاپان جي خاص اقتصادي زون کان ٻاهر سمنڊ ۾ وڃي ڪِريو.
بيلسٽڪ ميزائل ڪرڻ کان اڳ 86 منٽن تائين 7 هزار ڪلو ميٽرن جي امڪاني اوچائي تائين اڏام ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.