اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته آئين رياست کي اهڙي قانون سازي ڪرڻ کان روڪي ٿو جيڪو بنيادي حقن کي ختم ڪري يا محدود ڪري، ان ڳالهه جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي ته سپريم ڪورٽ شهرين جا بنيادي حق کسي رهي آهي، جڏهن عوام جو اعتماد ختم ٿي وڃي ته سپريم ڪورٽ شهرين جا بنيادي حق کسي رهي آهي. عدليه جي آزادي ڪمزور ٿيندي ،سپريم ڪورٽ جي طاقت صرف عوام جو اعتماد آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڄاڻ تائين پهچ واري ڪيس ۾ جسٽس اطهرمن الله اردو ۾ اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، نوٽ جي متن موجب آرٽيڪل 19 اي تحت بنيادي حق جو استعمال معقول پابندين سان مشروط آهي، اصطلاح معقول پابنديون آهن، اهو پارليامينٽ کي آئيني حق جي دائري کي محدود ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي. . جسٽس اطهرمن الله چيو ته آرٽيڪل 8 رياست کي اهڙي قانون سازي ڪرڻ کان روڪي ٿو جيڪو بنيادي حقن کي ختم ڪري يا محدود ڪري . سپريم ڪورٽ وٽ تلوار يا خزاني جو ڪو به ڪنٽرول ناهي، سپريم ڪورٽ جي طاقت رڳو عوام جي اعتماد تي آهي. اضافي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز جي فيصلي سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته معلومات تائين رسائي جو حق ڪرپشن خلاف ضابطو آهي. ججن ٻين ملازمن کي ملندڙ سهولتون، سپريم ڪورٽ جي بجيٽ عوامي اهميت ۽ شهرين جي دلچسپي جو موضوع آهي. شهرين کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، معلومات تائين رسائي بابت قانون تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي