ڪراچي (رپورٽر ) پي ايس ٽي/جي اي ايس ٽي اميدوارن عبدالغفار خميسو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان ريڊ زون ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس رنڊڪون وجهي کين روڪي ورتو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليم جي وزير سيد سردار عل شاھ کان مطالبو ڪيو ته رهجي ويل آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن. هنن چيو ته هو ته هنن پيرين پنڌ ڪراچي کان اسلام آباد تائين احتجاجي مارچ ڪيو پر حڪومت ان جو نوٽيس نه ورتو.هنن وڌيڪ چيوته تعليم کاتي ۾ رٽائر ٿيل هزارين استادن جون جايون خالي پيل آهن انهن جاين تي ڀرتي ڪري انصاف ڪيو وڃي پر مسلسل احتجاجن باوجود سنڌ حڪومت کين نظرانداز ڪري رهي آهي.