سکر/ميرپور ماٿيلو/ڏهرڪي (رپورٽر/نمائندا) ڏهرڪي جي ماڙي انرجي ڪمپني جي مين گيٽ آڏو شاگردن سول سوسائٽي ۽ وڪيلن جو احتجاج جاري رهيو. ڏھرڪي جي ماڙي انرجي ڪمپني انتظاميه جي ونگار تي ھڪ ڏينھن اڳ ڏھرڪي پوليس پاران شاگردن صحافين تي وحشياڻي تشدد ڪرڻ ۽ ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪرڻ باوجود شاگردن جو حوصلا بلند ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن شاگردن عدالت مان ضمانت ڪرائڻ بعد سياسي سماجي اڳواڻن ۽ گھوٽڪي بار جي صدر شاھنواز وسير جي اڳواڻي ۾ ماڙي انرجي ڪمپني ٻاھران پھچي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌرڻو شروع ڪري ڇڏيو آھي ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن ۽ شاگردن جو چوڻ هو ته گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب ماڙي انرجي ڪمپني ۾ مقامي ماڻھن لاء دروازا بند ڪري سمورين جاين تي ڌارين جي لوڌ مقرر ڪئي آهي جنھن سبب مقامي ماڻھن سان ڪمپني ھميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو آهي پر ھاڻ سنڌ جو شعور جاڳي پيو آھي جيستائين داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ سان گڏ و گڏ مقامي شاگردن کي پڪيون نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن پوليس عوامي آواز رپورٽر اسد لغاري سميت 50 کان وڌيڪ شاگردن ۽ صحافين تي الڳ الڳ ٿاڻن تي ٻہ ڪيس داخل ڪيا هئا، جن کي پوليس ھٿڪڙيون ھڻي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت شاگردن ۽ صحافين جي ضمانت منظور ڪري ورتي، شاگردن ۽ صحافين تي تشدد بعد وڪيل برادري بہ ميدان ۾ اچي وئي، ماڙي انرجي گيٽ اڳيان ٻيھر ڌرڻو ھنيو ويو .