سنڌ ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس، انگ 29 تائين پهچي ويو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق سنڌ جي ضلعن بدين ۽ ٺٽي مان پوليو جا ٻه نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد سال 2025 ۾ پوليو ڪيسن جي مجموعي تعداد 29 ٿي وئي آهي۔ سيپٽمبر جي انسداد پوليو مهم ۾ ٻه ڪروڙ ڏهه لک کان وڌيڪٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيا ويا۔ ايندڙ قومي انسداد پوليو مهم 13 کان 19 آڪٽوبر تائين ملڪ ڀر ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ چار ڪروڙ ڇهن لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيا ويندا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.