ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾11ٻارڙن جي پيءُ شهري مولانا عبدالبشير کي سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ تي نادرا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ويريفڪيشن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ تي نادرا عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته هڪ شهري 2024 کان ڌڪا کائي رهيو آهي، سمورا ڪاغذ موجود آهن ته پوءِ سڃاڻپ ڪارڊ ڇو جاري نٿو ڪيو وڃي، نادرا عملدار چيو ته شهري اسان وٽ ڪاغذ کڻي اچي اسان ڏسنداسين، عدالت چيو ته هو اوهان وٽ ڇو اچن، ڇا توهان پنهنجي عدالت لڳائي رکي آهي، جيڪڏهن توهان مسئلو حل ڪيو ها ته شهري عدالت ڇو اچي ها، ڇا نادرا پنهنجي بادشاهت قائم ڪري رکي آهي، جڏهن ته نادرا درخواستگذار جي يارنهن ٻارن کي پيدائشي سرٽيفڪيٽ به ڏنا آهن، ٻڌايو وڃي ته شهري جي لڳايل درخواست تي ڪهڙو جواب ڏنو ويو، نادرا جواب ۾ ڪٿي به ناهي چيو ته ڪاغذ جعلي آهن، توهان اسٽيٽ اندر اسٽيٽ قائم ڪيون ويٺا آهيو جنهن بعد عدالت ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.