سرڪاري قرضن ۾ 9 سالن دوران 60 هزار 800 ارب رپين جي تاريخي واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 9 سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. رپورٽ موجب، وفاقي ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ قرضن ۾ ٿيل واڌ بابت تفصيل سامهون آئي آهي جن موجب گذريل 9 سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 300 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب، صرف گذريل 3 سالن دوران سرڪاري قرض 31 هزار 200 ارب رپيا وڌي ويو. جون 2018 کان جون 2022 تائين سرڪاري قرضي ۾ 24 هزار 900 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته جون 2025 تائين مجموعي سرڪاري قرض 80 هزار 500 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. رپورٽ موجب، انهيءَ رقم مان 54 هزار 500 ارب رپيا مقامي قرض ۽ 26 هزار ارب رپيا غير ملڪي قرض شامل هو. ناڻي وزارته جي رپورٽ مطابق، جون 2016 تائين مجموعي سرڪاري قرضو 19 هزار 700 ارب رپيا هو، جنهن مان 13 هزار 600 ارب رپيا مقامي ۽ 6 هزار 100 ارب رپيا غير ملڪي قرض هو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته  جون 2017 تائين قرض 21 هزار 400 ارب رپيا ٿيو، جون 2018 تائين اهو وڌي 24 هزار 900 ارب رپيا ٿي ويو. ان کان پوءِ قرض جي واڌ جو سلسلو جاري رهيو.  وزارت خزانه جي رپورٽ موجب، موجوده قرض مان 54 هزار 500 ارب رپيا مقامي قرض آهي، جڏهن ته 26 هزار ارب رپيا غير ملڪي قرض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.