فيلڊ مارشل ۽ اسان هر معاملي تي گڏجي مشورا ڪندا آهيون، هڪ صفحي تي آهيون: شهباز شريف

لنڊن (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير هر معاملي تي گڏجي صلاح مشورا ڪن ٿا ۽ ٻنهي جي سوچ هڪ صفحي تي آهي، لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پرڏيهي پاليسي، جنگ، اقتصادي پاليسي يا آءِ ايم ايف جو معاملو هجي، هر معاملي تي گڏجي مشاورت ڪئي وڃي ٿي، هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سياسي قيادت، ادارن ۽ فوجي قيادت ۾ اهڙو ئي سهڪار جاري رهيو ته پاڪستان بلندين تي پهچي ويندو، وزيراعظم شهباز شريف ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ان ملاقات ۾ پاڪستان طرفان فيلڊ مارشل عاصم منير به موجود هئا، جڏهن ته آمريڪا طرفان نائب صدر جي ڊي ونس ۽ پرڏيهي وزير مارڪور روبيو شامل هئا، شهباز شريف چيو ته هن صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو جو هن ذاتي دلچسپي وٺي جنگبندي ڪرائي. وزيراعظم موجب، هن صدر ٽرمپ کي چيو ته جيڪڏهن وقت سر مداخلت نه ڪئي وڃي ها ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ها، شهباز شريف ٻڌايو ته پاڪستاني قوم هن ئي سبب ڪري صدر ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، 2022 ۾ سنڌ متاثر ٿيو هو جڏهن ته هن ڀيري پنجاب ۾ وڏي تباهي ٿي آهي. هڪ هزار کان وڌيڪ شهري حياتي وڃائي ويٺا آهن، فصل تباهه ٿي ويا،  اسان ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر حوصلا مضبوط آهن ۽ ان مان نڪري وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.