اسلام آباد (بيورو) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري جعلي قرار ڏيڻ واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي، رپورٽن موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن 25 سيپٽمبر جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي عدالتِ عظمىٰ ۾ چيلنج ڪيو آهي. اپيل ۾ ايڇ اي سي، ڪراچي يونيورسٽي جي ان فيئر مينز ڪاميٽي، سنڊيڪيٽ ڪاميٽي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ عدليه جي آزاديءَ تي سڌو حملو آهي. جسٽس طارق جهانگيري خط لکندڙ ججن ۾ شامل رهيو ۽ اسلام آباد اليڪشن ٽربيونل ۾ به خدمتون انجام ڏنيون، پر کيس ٻڌڻ کان سواءِ ڊگري منسوخ ڪئي وئي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 32 سالن کان پوءِ ڊگري وارو معاملو ڇو اٿاريو ويو، يونيورسٽي ڪو به واضح سبب پيش نه ڪيو.