طالبان حڪومت سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي

ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروسز بند ڪري ڇڏي، عالمي تنظيم نيٽ بلاڪس موجب سڄي ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن بليڪ آئوٽ لاڳو آهي ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي معمولي سطح کان گهٽجي 14 سيڪڙو رهجي وئي، پرڏيهي خابرو اداي اي ايف پي موجب ڪابل ۾ شام 6:15 وڳي کان مواصلاتي رابطا، بشمول موبائل سروسز، معطل ٿي ويا، رپورٽن موجب طالبان عملدارن هن مهيني جي شروعات ۾ ئي فائبر آپٽڪ  انٽرنيٽ ڪنيڪشن ختم ڪري ڇڏيا هئا، ڪيترن صوبن ۾ رابطا ڪٽجي ويا، صوبائي ترجمان عطاءُ الله زيد 16 سيپٽمبر تي سوشل ميڊيا تي ٻڌايو هو ته هي قدم برائي کي روڪڻ لاءِ کنيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ متبادل قدم کنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.