ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا جويريه سعود اعتراف ڪيو آهي ته سعود سان شاديءَ کانپوءِ هن کي اهو احساس ٿيو ته ڪنهن مرد جو ساٿ عورت کي ڪيترو مضبوط بڻائڻ سان گڏ ان کي تحفظ پڻ فراهم ڪري ٿو.
جويريه سعود تازو ئي خانگي ٽي وي جي ڪاميڊي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته محبت هڪ ڀيرو نه پر بار بار به ٿي سگهي ٿي ۽ اهو به چيو ته عورتون به ڪيترائي ڀيرا محبت ڪن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني معاشري ۾ عام طور تي مرد ئي بار بار محبت ڪندا آهن، پر ائين بلڪل ناهي ته عورتون ٻيهر محبت نٿيون ڪن.
هن چيو ته عورتن ۾ بار بار محبت ڪرڻ جي جرئت گهٽ هوندي آهي، جڏهن ته مرد ٻي يا ٽِين محبت لاءِ پنهنجون 30 سالن جون شاديون به ٽوڙي ڇڏيندا آهن.
جويريه سعود چيو ته بار بار محبت ڪندڙ ماڻهو نه رڳو پنهنجون شاديون ختم ڪري ڇڏيندا آهن پر پنهنجن ٻارن کي به ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو پوءِ ڪٿان جا به ناهن رهندا.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هوءَ سمجهي ٿي ته هڪ طرفي محبت انسان کي اڏوهيءَ جيان اندران ئي اندران کائي ڇڏي ٿي.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته شاديءَ کان اڳ ئي هوءَ شوبز کي الوداع چئي ڇڏيو هو ۽ سندس شادي مڪمل طور تي ارينجڊ ميريج هئي.
هن چيو ته جڏهن هوءَ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ۾ ڪم ڪندي هئي، تڏهن ماحول سٺو هو، پر خانگي چينلز اچڻ کانپوءِ شوبز جو ماحول خراب ٿي ويو، جنهن ڪري هن اداڪاري ڇڏي ڏني.
سندن چوڻ هو ته شوبز ۾ هن عورتن سان بدتميزي ٿيندي ڏٺي ۽ ساڻس به ڪجهه اڻ وڻندڙ واقعا پيش آيا، جنهن سبب هن شوبز کي ڇڏي ڏنو.
جويريه سعود جو چوڻ هو ته سندس گهر ۾ ڪڏهن به ڪنهن مرد ڪنهن عورت کي گاري نه ڏني هئي، پر شوبز ۾ طاقتور ماڻهو عورتن کي انهن جي سامهون گاريون ڏيڻ لڳا، تنهن ڪري هن اداڪاري کي الوداع چيو۔
اداڪارا موجب، شوبز ڇڏڻ کان چار سال پوءِ هن جي سعود سان شادي ٿي، جنهن کان پوءِ سعود پنهنجو پروڊڪشن هائوس شروع ڪري پنهنجا ڊراما ٺاهڻ ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته شاديءَ کان پوءِ ئي هن کي اهو احساس ٿيو ته عورت جي زندگي ۾ مرد جو هئڻ کيس ڪيترو مضبوط بڻائي ٿو ۽ کيس تحفظ مهيا ڪري ٿو.
”عورتون به بار بار پيار ڪن ٿيون، هڪ طرفي محبت انسان کي اڏوهيءَ وانگر اندران ئي اندران کائي ڇڏي ٿي“
You might also like