بئنگلورو(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ مشهور رئيلٽي شو ”بگ باس ڪنڙ سيزن 12“ کي اوچتو بند ڪري اسٽوڊيو سيل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرناٽڪ حڪومت جي عملدارن اڱاري جي رات بئنگلورو شهر جي ڀرسان قائم ”جالي وڊ اسٽوڊيوز اينڊ ايڊونچرز“ جي احاطي کي بند ڪندي اتي شوٽ ٿيندڙ رئيلٽي شو ”بگ باس ڪنڙ“ جي سيٽ کي سيل ڪري ڇڏيو.
ڪرناٽڪ اسٽيٽ پاليُوشن ڪنٽرول بورڊ ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ اجازت نامن کان سواءِ ڪم جاري رکڻ تي اسٽوڊيو کي ترت بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
بورڊ واضح ڪيو ته اسٽوڊيو انتظاميا ماحولياتي قانونن جي بار بار ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن سبب اِهو فيصلو اڻٽر هو.
بگ باس جي سمورن اميدوارن کي گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ کين سيڪيورٽي سان گڏ اسٽوڊيو مان ٻاهر منتقل ڪيو ويو.
واضح رهي ته ”بگ باس ڪنڙ“ جي سيزن 12 جي ميزباني مشهور ڪنڙ اداڪار ڪچا سديپ ڪري رهيو آهي ۽ اِهو نئون سيزن ويجهڙائي۾ شروع ٿيو هو.
پر شو جو سيٽ، جيڪو 5 ڪروڙ ماليت سان تيار ڪيو ويو هو، هاڻي مڪمل طور سيل ڪري ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، شو بند ٿيڻ کانپوءِ 700 کان وڌيڪ ماڻهو، جن ۾ فني عملي جا ميمبر پڻ شامل آهن متاثر ٿيا آهن.
هن ڪارروائي تي ردعمل ڏيندي ڪرناٽڪ رياست ٻيلي کاتي واري وزير چيو ته ڀڃڪڙين بابت نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود انتظاميا سرگرميون جاري رکيون، جڏهن ته ”ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي“ ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ”ويليز اسٽوڊيوز اينڊ انٽرٽينمينٽ“ کي مارچ 2024 ۾ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ۽ ڄاڻ موجب وٽن پاڻي ۽ هوا جي قانون (واٽر اينڊ ايئر ايڪٽ) تحت ضروري اجازت ناما موجود نه هئا، آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پتو پيو آهي ته هنن اجازت حاصل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته بار بار معائني ۽ نوٽيسن جي باوجود اتي سرگرميون جاري رهيون، جيڪا سپريم ڪورٽ ۽ نيشنل گرين ٽرائبيونل (اين جِي ٽِي ) جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.
وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اتنظاميا چاهي ته ان معاملي تي عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿي.
You might also like