بيجنگ (م ڊ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽريل پارڪ جي قيام، لائيو اسٽاڪ انڊسٽري ۾ جدت، ۽ فائر ٽرڪن ۽ ايمرجنسي اوزارن جي فراهمي بابت 3 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، چيني شهر اُرومچي ۾ صدر آصف علي زرداري جي موجودگي ۾ انهن يادداشت نامن تي صحيون ٿيون، صدر آصف علي زرداري چيو ته اهي معاهدا خوراڪ جي تحفظ، صنعتي ترقي، برآمدات ۾ اضافي ۽ آفتن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي مضبوط ڪندا، لائيو اسٽاڪ سيڪٽر ۾ بهتري سان ڳوٺاڻن لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا،صدر زرداري چيو ته موجب ٽيڪسٽائل پارڪ برآمدات ۽ صنعت لاءِ اهم هوندو، جڏهن ته جديد فائر ٽرڪون ۽ اوزار عوامي تحفظ ۽ ايمرجنسي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا، ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو توانائي وارو وزير ناصر حسين شاهه ۽ ٻنهي ملڪن جا سفير به موجود هئا.