عمران فرحت ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪيو ويو، هوم سيريز ۾ عمران فرحت بيٽنگ ڪوچ ۽ عبدالرحمان اسپن بالنگ ڪوچ هوندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ اظهر محمود هيڊ ڪوچ جي ذميواري نڀائيندو، جڏهن ته نويد اڪرم چيما کي ٽيم مئنيجر مقرر ڪيو ويو آهي.
ٽيسٽ سيريز ۾ عمران فرحت بيٽنگ ڪوچ، عبدالرحمان اسپن بالنگ ڪوچ ۽ عبدالمجيد فيلڊنگ ڪوچ هوندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 12 آڪٽوبر کان لاهور ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 20 آڪٽوبر کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي.
ان کانسواءِ پي سي بي طرفان ڪليف ڊيڪن کي فزيو ٿراپسٽ، طلحه بٽ کي ٽيم جو پرفارمنس اينالسٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرانٽ ليوڊن اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشنگ ڪوچ طور خدمتون انجام ڏيندو.
ڏکڻ آفريڪا جي هوم سيريز لاءِ نعيم گيلاني ميڊيا مئنيجر ۽ ارتضيٰ ڪمال ٽيم سيڪيورٽي مئنيجر هوندو، ڊاڪٽر ساجد علي رفائي ٽيم جي ڊاڪٽر جي حيثيت سان شامل آهي، جڏهن ته محمد احسان مينٽور طور ٽيم سان گڏ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.