اسلام آباد(م ڊ) ججن جي مقرري بابت عدالتي ڪميشن ۾ حڪمران اتحاد ۽ پي ٽي آءِ نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي ۾ عمر ايوب ۽ سينيٽ مان شبلي فراز جا نالا ڏنا ويا آهن، حڪمران اتحاد پاران قومي اسيمبلي مان بلاول، سينيٽ مان عرفان صديقي جو نالو ڏنو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جڊيشل ڪميشن لاءِ ٻن نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ باني طرفان عمر ايوب ۽ شبلي فراز جي نالن جي منظوري ڏني وئي آهي. شروعاتي لسٽ ۾ بئريسٽر گوهر، بئريسٽر علي ظفر، بئريسٽر عمير نيازي، عمر ايوب، اسد قيصر، لطيف کوسا ۽ علي محمد خان شامل هئا. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن لاءِ سينيٽ مان اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ سيد شبلي فراز جا نالا منظور ڪيا ويا آهن. پ پ طرفان بلاول ڀٽو ۽ ن ليگ طرفان عرفان صديقي جو نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن لاءِ نالا اڃا تائين نه مليا آهن، اسپيڪر طرفان پارٽين کان نالا اچڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته تيرهن رڪني جڊيشل ڪميشن ۾ ٻه حڪومتي ۽ ٻه اپوزيشن ميمبر شامل هوندا.