سموگ سبب لاهور ۾ گرين لاڪ ڊائون، ڀارت سان ڊپلوميسي جي ضرورت آهي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) لاهور ۾ سموگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ گرين لاڪ ڊائون ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ڊيوس روڊ، ايجرٽن روڊ، ڊيورنڊ روڊ، ڪشمير روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ گرين لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن علائقن ۾ اڏاوتي سرگرميون  ۽ موٽرسائيڪل رڪشا ۽ ڪمرشل جنريٽر هلائڻ تي پابندي هوندي، ڪوئلي ۽ ڪاٺ کي ساڙڻ وارن فوڊ پوائنٽس تي رات 8 وڳي کان پوءِ بار بي ڪيو ۽ اوپن فوڊ پوائنٽس تي مڪمل پابندي هوندي، گرين لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رات 10 وڳي کانپوءِ شادي هال کولڻ تي به پابندي هوندي، ٻي پاسي لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سموگ جو مسئلو سياسي نه پر انساني آهي، سموگ جي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتڪاري جي ضرورت آهي، سوچيان پئي ته سموگ مسئلي تي ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير کي خط لکان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.