”حڪومت ڪيرائڻ جو ارادو نه هو“جسٽس منصور پاران 26 هين ترميم جو جائزو وٺڻ جو اشارو

اسلام آباد(فخر دراني+انصار عباسي) جسٽس منصور علي شاهه ۽ ڪجهه ٻين ججن جي حوالي سان حڪومتي وزيرن خواجا آصف،راڻا ثناءُ الله،ملڪ محمد احمد الزام هنيا هئا ته قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جسٽس منصور شاهه جي چيف جسٽس بڻجڻ بعد ن ليگ جي حڪومت ختم ٿي ويندي،اليڪشن جي آڊٽ ٿيندي،هو عمران خان جي حڪومت آڻڻ چاهي ٿو،دفاع واري وزير  خواجا آصف  بيان ڏنو هو ته جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خاندان۽  مائٽن کي پنجابي ۾ ميسيج ڪيا هئا ته ”ساڊا ليڊر(عمران خان) آوي هي آوي“جسٽس منصور شاهه جي ويجهن ذريعن موجب هن جي دل ۽ ذهن ۾ اهڙو ڪو به منصوبو ناهي، هو رڳو آئين ۽ قانون جي سربلندي چاهي ٿو،هن خلاف لڳايل الزام مفروضا ۽ افواهه آهن، مان مڪمل طور غيرسياسي آهيان،حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو هن ڪڏهن به ناهي سوچيو، عدالتي بادشاهت قائم ڪرڻ واري سوال تي هن چيو ته ماضي ۾ ڪجهه ججن اهڙي ڪوشش ڪئي هئي ان خلاف جسٽس منصور علي شاهه آواز اٿاريو آهي،ڪنهن چيف جسٽس ڪو غلط قدم کنيو هوندو ته ان تي جسٽس منصور شاهه اعتراض واريا هئا، سمورن ججن کي هڪ ئي نظر سان ڏسڻ غيرمنصفاڻو آهي،تاريخ فيصلو ڪندي ته ڪير سڌي رستي تي آهي ۽ ڪير غلط رستي تي آهي،هن سياست ۾ ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪئي، راڻا ثناءُ الله پاران جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي تڪراري چوڻ ۽ کين آئيني بئنچ جو حصو نه بڻائڻ واري سوال تي جسٽس منصور شاهه جي ويجهن ذريعن جواب ڏنو ته ڪنهن کي جانبدار ۽ تڪراري چوڻ تمام آسان آهي،ان کي ثابت ڪرڻ تمام مشڪل آهي، حڪومت وٽ ان حوالي سان ڪي ثبوت آهن ته سامهون آڻي،ن ليگ جي حڪومت خلاف ڪا به سازش نه پئي ڪئي وئي، نه ئي عمران خان جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون،اها ڪهاڻي حڪومتي وزيرن جي ذهنن جو اختراع آهي،جسٽس منصور شاهه جو چوڻ هو ته  حڪومت جو تختو ته نه پيو ڪيرايو وڃي باقي 26هين آئيني ترميم جي آئيني پهلوئن جو جائزو وٺڻ عدليه جو استحقاق آهي ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، جيڪڏهن اهو معاملو عدليه ۾ آيو ته ان جو ضرور جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته جسٽس منصور شاهه مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ ٻه ڀيرا وضاحتي حڪم ڏيڻ واري معاملي تي چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران وضاحت گهري وئي هئي،عدالت آئين ۽ قانون موجب وضاحت جاري ڪئي، جڏهن ته هن اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز پاران وضاحتي حڪم خلاف 9 سوال اٿارڻ واري معاملي تي ڪو به جواب نه ڏنو، قاضي فائز جي الوداعي ريفرنس جي موقعي تي سخت خط لکڻ واري سوال تي جسٽس منصور شاهه جي ذريعي  جو جواب هو ته هو ان حوالي سان في الحال ڳالهائڻ نه چاهيندو ٻئي ڪنهن موقعي تي ان جو جواب ڏيندس، ذريعن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ترميم خلاف پٽيشن ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي سگهي ٿي،عدليه ۾ جيڪي ڏار آهن اهي وڌيڪ گهرا ٿيندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 31 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.