لنڊن ۾ قاضي فائز جي گاڏي تي حملو، پي ٽي آءِ حامين خلاف ڪارروائي جو حڪم

لنڊن/ اسلام آباد(م ڊ) لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي جو پاڪستان هاءِ ڪميشن پاران حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۾ 9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ سفارتي اختيارين ذريعي اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته قاضي فائز عيسيٰ تي حملي دوران پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي کي به نقصان پهتو، واضح رهي ته قاضي فائز عيسيٰ کي مڊل ٽيمپل جو بينچر بڻائڻ جي تقريب جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، ان دوران مظاهرين کي مليڪا بخاري، ذلفي بخاري، اظهر مشواڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو، تقريب مان نڪرندي پي ٽي آءِ ڪارڪنن قاضي فائز جي گاڏي تي ڪاهه ڪري مٿس ٺونشن جو وسڪارو لاهي ڏنو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مڊل ٽيمپل جي مک دروازي مان جيئن ئي گاڏي ٻاهر نڪري ٿي ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن نعرا هڻندي ان جو گهيرو ڪري وڃن ٿا ۽ گاڏي جي شيشن کي ٺونشا هڻن ٿا، ان دوران گاڏي اڳتي نڪري وڃي ٿي، ٻي پاسي وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي قاضي فائز عيسيٰ جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪستان هاءِ ڪميشن جي اختيارين کي فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملو مذمت جوڳو آهي، فوٽيجز جي ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن خلاف پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيا ويندا، گهرو وزير چيو ته جن حملو ڪيو انهن جي شهريت فوري طور تي ملتوي ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي ويندي، شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينه ڏانهن اماڻيو ويندو ڪنهن کي به اهڙي طرح سان حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هن چيو ته لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي ڪار تي به حملو ٿيو، انهي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون ته پوءِ انهي کي سيڪيورٽي ڇو نه ڏني وئي انهي جي به جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.