بشريٰ بي بي پشاور واپس، عمران تي 8 نومبر تي فرد جرم

راولپنڊي(م ڊ) 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل پهچڻ واري بشرا بي بي پشاور رواني ٿي وئي آهي. جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان سميت 79 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بشرا بي بي اڊيالا جيل مان زمان پارڪ وڃي سگهي پئي پر هوءَ واپس پشاور هلي وئي. بئريسٽر سيف ٻڌايو ته بشريٰ بي بي پنهنجي ڪيس جي سلسلي ۾  اڊيالا وئي آهي. ٻئي طرف راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.ٻڌڻي بعد عدالت چيو ته جوابدارن تي 8 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.