سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ وفاقي وزير قانون کي لوڏو

اسلام آباد(آصف بشير چوڌري)سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾هن ڀيري مينڊيٽ واضح طور ورهايل نظر آيو، حامد خان گروپ جو صدارتي اميدوار منير ڪاڪڙ فيورٽ قرار ڏنل هو، عاصمه جهانگير گروپ جو ميان رئوف عطا 1270 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،منير ڪاڪڙ 1155 ووٽ کنيا،اها ليڊ عاصمه جهانگير گروپ جي ڪڏهن 600-700 هوندي هئي،هن ڀيري عاصمه جهانگير گروپ رڳو 118 ووٽن تان اها اليڪشن کٽي آهي، جڏهن ته سيڪريٽري حامد خان گروپ جو سلمان منصور چونڊجي ويو آهي،هن 500 جي ليڊ تان اها اليڪشن کٽي آهي،هارايل اميدوار ملڪ زاهد وفاقي وزير قانون  اعظم نذير تارڙ جو ڀاڻيجو آهي، عاصمه جهانگير گروپ جي ڪاميابي پٺيان وڏين طاقتن ۽ حڪومت جو وڏو زور هو،ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو ته ڇا ڇا ٿيو آهي،بار جي چونڊيل صدر اعلان ڪيو آهي ته عدليه ۾ ڪا به مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي،يعني ان جو مطلب ته هن به جسٽس منصور شاهه واري ڳالهه ڪئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 31 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.