ميرپورخاص/سنڌڙي (رپورٽ: صالح اوٺو / ڪاشف علي شر) سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ فوجي رانگڙ ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل معصوم نينگري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، واقعي بابت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ فوجي رانگڙ جي رهواسڻ لالچي ماءُ راڻي ڪولهي پاران پئسن جي لالچ ۾ پنهنجي 14ورهين جي معصوم ڌي ڪيسو ڪولهي کي وحشين حوالي ڪرڻ بعد وحشين پاران معصوم نينگري سان ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، بعد ۾ کيس بيهوشي واري حالت ۾ سندس ماءُ وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، وارثن نينگري کي ميرپورخاص اسپتال بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال داخل ڪرايو، جتان کيس رات جي پيٽ ۾ واپس ڳوٺ کڻائي آيا، جتي نينگري جي حالت اوچتو خراب ٿي پئي، نينگري کي اسپتال منتقل ڪرائڻ لاءِ ايمبولينس نه ملڻ تي کيس انسان دوست وڪيل شاهنواز لغاري پاران پوليس جي مدد سان ڳوٺ کان ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ اسپتال نيو پئي ويو ته وحشت جو نشانو بڻيل معصوم نينگري رستي ۾ فوت ٿي وئي، نينگري جو لاش ميرپورخاص سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ چئن ڪلاڪن تائين پيل رهيو پر ڊاڪٽرن برڻيون نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي پوسٽ مارٽم شروع ڪرڻ کان انڪار ڪيو، وومين پوليس جي ڪوششن ۽ منٿون ڪرڻ بعد ڊاڪٽرن ضروري ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، واقعي بابت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، ذريعن موجب هڪ هفتو اڳ معصوم نينگري ڪيسو ڪولهي جي امڙ راڻي ڪولهي، سندس والد راءِ مل ڪولهي ۽ هيرو ڪولهي وڏي رقم عيوض ڪيسو ڪولهي کي عمرڪوٽ ۾ ڪولهي برادري جي عياش ۽ وحشين کي پنجن ڏينهن لاءِ حوالي ڪئي هئي جتي وحشي معصوم نينگري سان چئن ڏينهن تائين ڏاڍائي ڪندا رهيا، نشي ۾ ڌت ٿي معصوم نينگري کي بار بار ڏاڍائي جو شڪار بنائڻ سبب سندس حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد جوابدار معصوم نينگري کي رات جي پيٽ ۾ خاموشي سان مائٽن حوالي ڪري روانا ٿي ويا ۽ علاج لاءِ به ڌار پئسا ڏئي کين خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي.
اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ جوابدار آجا، قتل ڪيس داخل ڪريو: سول سائٽي
ميرپورخاص: سياسي سماجي سڄاڻ ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران واقعي کي انسانيت سوز واقعو قرار ڏيندي واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي، سماجي اڳواڻن واجد لغاري، شوڪت پنهور، روپلو چوهاڻ، لالا اظهر پٺاڻ، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته هي واقعو ميرپورخاص جو انتهائي بدترين ۽ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، هڪ سڳي ماءُ پاران پنهنجي سڳي ڌي کي چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ وحشين حوالي ڪرڻ مان واضح آهي ته اسان جي معاشري ۾ برائيون ايتري قدر وڌي ويون آهن، جنسي اجتمائي لڄالٽ ڪندڙ جوابدار اڃان پڪڙ کان آجا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته راڻي ڪولهي، هيرو ڪولهي ۽ ٻين وحشين خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.
نينگري جي ماءُ راڻي ۽ هيرو ڪولهي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي
ميرپورخاص: سنڌڙي پوليس وحشت جو نشانو بڻجڻ بعد فوت ٿي ويل معصوم نينگري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل سندس ماءُ راڻي ڪولهي ۽ جوابدار هيرو ڪولهي کي ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت نينگري جي امڙ راڻي سميت ٻي جوابدار هيرو ڪولهي کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري چيو ته جوابدارن جي حوالي سان معلومات ورتي ويندي ۽ ان معلومات جي بنياد تي انهن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪري ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو، نينگري جي فوت ٿيڻ بعد داخل ٿيل ڪيس ۾ وڌيڪ ڪجھه قلم شامل ڪيا ويندا، واقعي جو ايس ايس پي پڻ نوٽيس وٺندي جاچ جو دائرو وڌائڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيو آهن.
نينگري لاءِ ايمبولينس فراهم نه ڪندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو
ميرپورخاص: نينگري کي پنهنجي ڪار ۾ اسپتال پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ يونين ڪائونسل بلوچ آباد جي چيئرمين وڪيل شاهنواز لغاري چيو ته حيف آهي ان انتظاميا تي جنهن ايمبولنس نه ڏني، آئون پنهنجي گاڏي م کڻي وڃي رهيو هئس ته نينگري رستي ۾ فوت ٿي وئي، ايمبولينس فراهم نه ڪندڙ انتظاميا سميت ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي.