سنڌو درياهه تي ڌاڙو منظور ناهي، وفاق ڌيان نه ڏنو ته مزاحمت ڪبي:قادر مگسي

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)ٻٻر لوءِ بائي پاس تي لڳل  ڌرڻي کي ايس ٽي پي چيئرمين  ڊاڪٽر قادر مگسي  خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڊيمن جي منصوبن خلاف عملي جنگ اڄ شروع ٿي وئي آهي سنڌ جي  عوام درياهه خلاف ٿيندڙ سازشن کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو، سنڌ 6 ڪروڙ عوام جو وطن آهي، حڪمران سنڌي قوم سان دشمني نه ڪن، هزارين سالن جي قديم تهذيب جا وارث  آهيون، پاڪستان 1947ع ۾ ٺاهيو ويو، سنڌو درياهه پاڪستان ٺهڻ کان هزارين سال پراڻو آهي، سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگي جي راهه آهي، سنڌ جي لکين ماڻهن جي روزي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه آهي، پيپلز پارٽي سنڌو درياهه جي قيمت وصول ڪري ورتي آهي، پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جو وجود ختم ٿي ويو آهي، آصف زرداري سنڌ جي ووٽن جو واپار ڪري ملڪ جو صدر بڻيو، پيپلز پارٽي سنڌ دشمن فيصلن ۾ برابر جي شريڪ آهي، جيڪڏهن سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺهيو ته پيپلزپارٽي جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيندس، سنڌ اسان جي ماءُ آهي ، شهباز شريف، مريم نواز، آصف زرداري ۽ بلاول ڏسي وٺي ، سنڌ جي سپوتن  پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،  24 نومبر تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي سامهون عوام جو سمنڊ اچي ويندو،  وفاقي حڪومت ڌيان نه ڏنو ته ڀرپور مزاحمت ڪندو، فوجي ڪيمپ ۾ ڪيترائي سال بدترين تشدد برداشت ڪيو، اسان جهڪڻ ۽ وڪجڻ وارا نه آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.