ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي پوليس 12 ورهين جي نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ ٽئين جوابدار کي بھ گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته جوابدارن 2 ساٿين سان گڏجي نينگري جو لاش ٻوري ۾ بند ڪري اڇلائي ڇڏيو هو. ڊان نيوز جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سائوٿ زون انويسٽيگيشن پوليس گنگا ريپ ۽ قتل واقعي ۾ ملوث ٽئين انتهائي گهربل جوابدار بلاول خان کي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته ان کان اڳ ڪراچي ضلعي ڏکڻ جي پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن وقار علي ۽ عاصم کي گرفتار ڪري چڪي آهي.