عمرڪوٽ واقعي تي سنڌ مزاحمت ڪئي، مذهبي رواداري برقرار رکڻي آهي: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ ۽ فوٽوگرافي ذوالفقار راڄپر) سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي اڳواڻن ۽ ليکڪن  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته پاڪستان جي رياست کي  مذهبي انتهاپسندي خلاف ملڪ ۾  مذهبي رواداري، سهپ ۽ ملڪ جي باني جناح جي 11 آگسٽ واري آئين ساز اسيمبليءَ  واري ملڪ جي تعمير واري پاليسي تقرير موجب ملڪ کي هلائڻو آهي يا ملڪ کي مذهبي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن حوالي ڪري پاڪستان کي دنيا ۾ سياسي، واپاري ۽ ثقافتي سطح تي اجنبي ۽ عالمي قوتن جو غلام ٿي ڪنڌ جهڪائي هلڻو آهي، ملڪ جي آئين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارا فقرا ختم ڪري سڀني شهرين کي مذهبي، سياسي ۽ برابري جا شهري حق ڏئي انهن جي مذهبي وابستگي جي حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي، نوجوانن، استادن، وڪيلن، ججن، صحافين، عورتن کي عالمي انساني حقن جي روشني ۾ بنيادي انساني حقن جي تعليم ڏني وڃي، هيٺين ڪورٽن جي ججن کي جسٽس تصدق جيلاني جي مختلف مذهبي وجود رکندڙ شهرين بابت ٺاهيل رپورٽ پڙهڻ گهرجي، پوليس ۽ ٻين قانون نافد ڪندڙ ادارن ۽ ايجنسين کي مذهبي رواداري ۽ انساني حقن جي تربيت ۽ تعليم ڏني وڃي، سنڌ اندر ضلعي سطح تي قائم امن ڪميٽين جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ان ۾ مذهبي رواداري رکندڙ ۽ امن پسند شهرين کي شامل ڪيو وڃي، تعليمي ادارن ۽ نصاب ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف سهپ ۽ مختلف مذهبن جي خيالن کي برداشت ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث انتها پسندن پوليس آفيسرن ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو سنڌ ويمن لائيرس الائنس طرفان  سوشل سائنسز زيبسٽ جي سهڪار سان” سماج ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي “ جي موضوع تي زيبسٽ جي هڪ هال ۾ هڪ ڳالهه ٻولهه جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي. ان موقعي تي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس نورالهدي شاهه چيو ته اڪثر پير اڻ پڙهيل هوندا آهن، جن کي قرآن شريف به پڙهڻ نه ايندو آهي، هاڻي انهن مدرسن مان تيار ٿيل مولوي رکي پنهنجي فتوائن سميت ٻيو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، اها به هڪ سياسي راند آهي، جنهن مان رياست کي فائدو ملي رهيو آهي، هن چيو ته هاڻي سرداري نظام کي طاقتور بڻايو ويو آهي، سنڌين کي فتوا فروشن جي پويان نه وڃڻ گهرجي، سنڌ 72 سال اڳ هڪ مذهبي عدم برداشت جي واقعي تي اڄ به شرمنده آهي، امر ڪوٽ واقعي تي جنهن نموني سول سوسائٽي ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو سنڌ جي مزاحمتي مزاج جو حصو آهي ۽ مايوسي خوف جي ڳالهه نه رهي آهي. سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي سربراهه اقبال ڏيٿو چيو ته عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي سرڪاري امن ڪميٽي ۾ اهي به ماڻهو شامل آهن، جن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي هار پارايا ۽ گلن جون پتيون رستن تي رکيون هيون، انهن امن ڪميٽين جي نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي، رومانسه جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جي رواداري واري معاشري ۾ هڪ منصوبي تحت نوجوانن کي مذهبي انتهاپسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي، پر سائنسي مادي قانونن موجب هر شيء تبديل ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ به اسان پر اميد آهيون ۽ هتي انتها پسندي خلاف مزاحمت ختم نه ٿيندي. زيبسٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته پاڪستان   هڪ بيمار معاشري جي وڪڙ ۾ آهي، جنهن جا زهريلا جيوڙا ملڪ ۾ عمر ڪوٽ واري درندگي ڦهلائي رهيا آهن، انساني حقن جي اڳواڻ سعديه بلوچ چيو ته سنڌ ۾ انتها پسندي خلاف هميشه مزاحمت رهي آهي، ان ڪري هاڻي منصوبي تحت اتي مذهبي انتهاپسندي کي ڦهلايو پيو وڃي، افغان جهاد ۾ سڀني کان وڌيڪ پختون قوم ۽ سماج کي نقصان پهچايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.