اسپين ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 62 ماڻو فوت ٿي ويا

ميڊرڊ (م ڊ) اسپين ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 62 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، اسپين جي علائقي چيوا ۾  8 ڪلاڪن دوران 491 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپين ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 62 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت مارجي ويلن جو صحيح انگ ٻڌائڻ ممڪن ناهي. اسپين جي شهر چيوا جي مقامي انتظاميا موجب 8 ڪلاڪن ۾ سڄي سال جيتري برسات ٿي آهي. سوشل ميڊيا تي موجود فوٽيجز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ٻوڏ سبب ڪيترائي پل ڊهي پيا ۽ گاڏيون ٻڏي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.