اختر مينگل ۽ ٻين تي ڪيس ۽ گرفتارين خلاف بلوچستان ۾ هڙتال

ڪوئيٽا/حب( م ڊ+ يار محمد بروهي) بلوچستان  نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سڏ تي پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پارٽي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ ٻين اڳواڻن خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ اسلام آباد پوليس کي پارٽي جي اڳوڻي ايم ايل اي اختر حسين لانگو ۽ سردار اختر مينگل جي پرسنل سيڪريٽري شفيع مينگل جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو.  بلوچستان جي واپارين جي مرڪزي تنظيم هڙتال جي حمايت ڪئي آهي. مرڪزي انجمن تاجران جي صدر رحيم ڪاڪڙ چيو ته اسان هڙتال جي حمايت ڪئي جنهن سبب ڪوئيٽا شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز بند آهن. خضدار، وڍ، قلات، مستونگ، نوشڪي، خاران، پنجگور ۽ ٻين علائقن ۾ به هڙتال جي سڏ سبب ڪاروباري مرڪز بند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.