پوڙهن جو ڏينهن

تحرير: امر جليل

گڏيل قومن جي نمايان وڏن ڪمن ۾  ھڪ ڪامراني وڏي حيرت واري آهي.گڏيل قومن جي ڪئلينڊر ۾ ٽي سئو پنجھٺ  (365) کان وڌيڪ ڏينھن  ھوندا آهن. توھان ڳڻي نٿا سگھو،مان بھ ڳڻي نھ ٿو سگھان.گڏيل قومن سال جو ھڪ ھڪ ڏينھن ڪنھن حوالي سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو ھو.اھا ورھيھ اڳ جي ڳالھھ آھي، مثال طور ڏاڏي جو ڏينھن ،ان ڏينھن تي اوھان کي پنھنجي ڏاڏا مرحوم يا ڏاڏي حضور کي ياد رکڻو پوندو ھو ۽ کيس ڪو رانديڪو تحفي ۾ ڏيڻو پوندو ھو.اھڙي طرح ھڪ ڏينھن ڏاڏيءَ کي ياد رکڻ  لاءِ مختص ھوندو ھو.والد جو ڏينھن والدھ جو ڏينھن،سسِ جو ڏينھن، سھري جو ڏينھن، چاچي جو ڏينهن، چاچيءَ جو ڏينهن، جيڪڏهن اوهان سنڌي آهيو، ته پوءِ توهان کي چاچا ۽ چاچيءَ کي ٻن مختلف مخصوص ڏينهن تي ياد رکڻو پوندو.ھڪ ڏينھن ماٽيلي ماءَ جو ۽ ھڪ ڏينھن ويڳي پيءَ جو پڻ ياد رکڻ جي لاءِ گڏيل قومن طرفان ميمبر ملڪن کي تلقين ڪئي ويندي آھي.ماٽيلي ماءَ ۽ ويڳي پيءَ پاران مليل عذاب ۽ مصيبتن کي ياد رکڻ جي اوھان کي  ضرورت ناهي ھوندي.ملھائجندڙ ڏينھن ۾ ھوش اڏائيندڙ  اضافو تڏھن ٿيو ،جڏهن گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن  پنھنجي طرفان مختلف ڏينهن ملهائڻ جون تجويزون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. ان کان پوءِ ملھائجندڙ ۽ ياد رکڻ وارن  ڏينهن ۾ چڱو خاصو  اضافو ٿيڻ لڳو.استاد سان گڏ ڇوٽي  جو ڏينهن ملھائجڻ لڳو.گيراج ۾ استاد جي نگرانيءَ ۾ ڪم سکندي ۽ جٺ کائيندي ھڪ ڏينھن ڇوٽو بذات خود  استاد بڻجي وڃي ٿو ۽ اسڪول وڃڻ کان محروم ٻارن کي ڇوٽو بڻائي انھن جي تربيت شروع ڪري ڏئي ٿو.نھ تھ ھن کان اڳ گڏيل قومن طرفان استاد جو ڏينھن الڳ ۽ ڇوٽو جو ڏينھن الڳ ملھايو ويندو ھو.ھاڻي ھڪ ئي ڏينھن ڇوٽو ۽ استاد جو ڏينھن ملھايو ويندو آھي.

ڀيڙڀاڙ وڌي وڃڻ بعد گڏيل قومن پاران ھڪ ئي ڏينھن سس ۽ ننھن جو ڏينھن ملھايو ويندو آھي.بھرحال سال ۾ ٽي سو پنجھٺ ڏينھن ھوندا آھن.پر گڏيل قومن طرفان سال ۾ ست سئو مختلف نوعيت جا ڏينھن ملھايا ويندا آھن.ھنن ڏينھن ۾ جيلر ۽ قيدي جو ڏينھن ملھايو ويندو آھي.ووٽ وٺندڙ ۽ ووٽ ڏيندڙن جي لاءِ ھڪ ئي ڏينھن مختص ڪيو ويو آھي.

گذريل هفتي يعني پھرين آڪٽوبر جي ڏينھن پوڙهن جو ڏينھن يعني سينئر سٽيزنز ڊي وڏي ڌوم ڌام سان ملھايو ويو ھو. ايٽمي بمن سان مالا مال اسان جو ملڪ پاڪستان گڏيل قومن جو طاقتور ميمبر آهي. اسان جڏهن به چاهيون جنھن کي بھ چاھيون ان کي ڊاھي ڦٽائي سگھون ٿا.ڪنھن بھ بيھودي ملڪ کي ٺڪاڻي لڳائي سگھون ٿا.اسين ائٽمي قوت جو آھيون !.دنيا جا ڀيانڪ بم،  بک ۽ غربت يعني معاشي بحران جو مقابلو بھ ايٽم بم سان ڪري سگھون ٿا.پنجويھھ ڪروڙن جي آبادي کي ٿورو ٿورو  ايٽم بم کارائي ُ پرجوش ڪري سگھون ٿا.عوام جذبن سان سرشار، جوش، جذبي ۽ جنون سان سڙڪن تي نڪري اچي ٿو ۽ اسرائيل کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ يروشلم جو رخ ڪري ٿو. رستي ۾ ايندڙ ھر رڪاوٽ کي ڊاھي ڇڏي ٿو.وڏي مشڪل ۽ وڏي منٿ ميڙ سان جنوني جذبن سان ٻرندڙ  عوام کي بيت المقدس وڃڻ کان باز رکيو ويندو آھي.ان جو گھاٽو، ان جو نتيجو وقت جي حڪومت کي ڀوڳڻو پوندو آھي. جنوني عوام روڊن رستن  تي نظر ايندڙ هر شيءِ کي يهودين جي ملڪيت سمجهي تباه ۽ ناس ڪري ڇڏي ٿو.

گڏيل قومن جي هر ميمبر ملڪ جي پنهنجي تھذيب و تمندن، پنھنجي روايت، پنھنجو رويو ۽پنھنجي عادت ۽ طور طريقا ھوندا آهن. سڀ ميمبر ملڪ  پنھنجي طور طريقن سان سينئر سٽيزنز يعني ٻڍن جو عالمي ڏينھن ملھائين ٿا. اسان پاڪستاني پنھنجي طور طريقن سان  مون وانگر کڳ ٻڍن جو ڏينھن ملھايون ٿا.يورپ ۽ آمريڪا وارن پوڙھن جي عالمي ڏينھن ملھائڻ جي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي کي اپنائي ورتو آهي.انھن جي پنهنجي ٽيڪنالوجي آهي ۽ جيڪو چاهين اھي پنهنجي ٽيڪنالوجي مان ڪم وٺي سگھن ٿا.گڏيل قومن جيئن تھ سڄي دنيا جي ملڪن کي روز ڪو نھ ڪو ڏينهن ملهائڻ جي چڪر ۾ وجهي ڇڏيو آهي.تنهن ڪري، ان جي اھميت جي حوالي سان دڪان ۽ مال تحفا تحائف،چاڪليٽ،سوغات ۽ رنگ برنگي ڪارڊن سان کچاکچ ڀريا وڃن ٿا. شام ٿيڻ تائين سمورين شيون  وڪامجي وڃن  ٿيون، ٻئي ڏينهن وري ٻئي ڏينھن  جي حوالي سان دڪانن کي تحفن ۽ گريٽنگ ڪارڊن سان سجايو ويندو آهي. اهو ڌنڌو سڄو سال ھلندو رھي ٿو.پھرين تھ يورپ ۽ آمريڪا وارا  ڪرسمس  جو تھوار ملهائيندا هئا.

گڏيل قومن انھن کي سڄي سال جي لاءِ روز ھڪ يا ٻه  ٽي ڏينهن  ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان ملھائڻ جي چڪر ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خدا جا لک لک شڪر آھن  تھ اسان پاڪستانين سڄي سال جي جھنجھٽ کان ھاڻي  پنھنجو پاڻ کي بچائي رکيو آهي. اسان ڪتي، ٻلي،سھيڙن (سھن)جا ڏينهن نٿا ملهايون. گڏيل قومن جي حڪم جي نافرماني ڪندي، اسان پنهنجي مرضي جا ڏينهن ملهائيندا آهيون،مان سمجھان ٿو  گڏيل قومن کي اسان جي سرڪشي سٺي نھ لڳي آھي.ڪو سبب تھ آھي جو آءِ ايم ايف اسان کي ڏکيو پئجي ويو آھي. اڄوڪي ڏينھن  مون کي منھنجي پراڻو ٻڍو دوست  ڏاڍو  ياد اچي ٿو.خير سان ٻارن ٻچن وارو آھي.لاڏلي پٽ ۽ ان جي زال يعني منھنجي پوڙھي دوست ۽ ان جي وڏي عمر واري زال کي پنھنجي ڪوٺي ۽ سرونٽ ڪوارٽر ۾ رکيو آھي.ھم عمر دوستن پوڙھي دوست کي منٿون ڪيون ھيون تھ ڪڏھن ڀلجي ڪري پنھنجي جڳهھ يعني گھر  پنھنجي لاڏلي پٽ جي نالي نھ ڪجو.وصيت ڇڏي ڏجو تھ تنھنجي ُڪوچ ڪرڻ بعد تنھنجي ڪوٺي جو واحد مالڪ توھان جو اڪيلو پٽ، نياڻي ھوندا.نھ مڃي اسان جي دوست اسان دوستن  جي ڳالهه، خاص طور تي مشوري ٻڌڻ بعد ھن مونکي دڙڪا ڏيندي چيو ھو تھ ”تون ان معاملي ۾ پنھنجي تنگ نھ اڙاءِ، تنھنجي نھ ڌي آھي نھ پٽ.توکي ڪھڙي خبر تھ ننھن پنھنجي سس ۽ سھري جي ڪيتري خدمت ڪندي آھي“ منهنجو پوڙھو  دوست پنهنجي گهر جي سرونٽ ڪوارٽر ۾ رهي ٿو، ۽ ننھن ھن کي ٻن ويلن جو بچيل سچيل کاڌو موڪلي ڏئي ٿي.

(رواني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.