سومر واري ڏينهن ڪراچي انوقت لرزي ويو جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن چيني انجنيئرن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته هڪ ٻيو ماڻهو به مارجي ويو. هي حملو جيڪو خودڪش ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن خودڪش بمبار ڪراچي جي بين الاقوامي هوائي اڏي لڳ خودڪش هڪ ڪار تي حملو ڪيو جنهن ۾ چيني انجنيئر سوار هئا. هن حملي ۾ وڏي انگ ۾ گاڏيون به تباهه ٿي ويون ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا جنهن بعد ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سوڳوار ۽ خوف واري صورتحال ڏسڻ وٽان ملي. صدر مملڪت آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت سياسي قائدين ڪراچي خودڪش حملي کي ننديو آهي ۽ ملوث ڌرين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
سنڌ ۾ چيني انجنيئرن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو ڪو هي پهريون واقعو ناهي اڳ ۾ به ٿيندا رهيا هيا ايتري قدر جڏهن چين پهريون ڀيرو پنهنجي انجنيئرن ۽ ماهرن کي پاڪستان جي ترقي ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ان وقت دادو لڳ وقت جي ڌاڙيل پرو چانڊيو کين اغوا ڪيو هو بعد ۾ ڀنگ ڀري کين آزاد ڪرايو ويو جنهن کانپوءِ چيني انجنيئرن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي. اهڙي طرح پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ جڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر وڌي هئي تڏهن به ڪراچي ۾ چيني سفارتخاني جا ماڻهو نشانو بڻيا هئا ۽ هر ماڻهو خوف و هراس ۾ ورتل هئا پر پاڪ فوج ۽ عوام جي سهڪار سان دهشتگردي جو اهو دور ختم ٿيو ۽ قوم سک جو ساهه کنيو جنهن جو سبب ملڪ ۾ عوامي حڪومتن جو قيام عمل ۾ آيو جنهن سان دهشتگردي جو رستو بند ٿيو هو جيڪو وڏي عرصي بعد هاڻ ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. بلوچستان ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ هن قسم جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا ويا آهن.
چيني انجنيئرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ وارو هي واقعو ڪو معمولي ناهي ۽ انوقت ٿيو آهي جڏهن ملڪ جون اندروني حالتون بهتر ناهن ۽ سياسي ڏڦير واري صورتحال پئدا ٿيل آهن آئيني بحران الڳ آهي ۽ اسلام آباد ۾ شنگهائي رابطه ڪائونسل جو اجلاس به ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سربراهه ۽ وفود پهچندا اها الڳ ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ فوج طلب ڪري حفاظتي اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن.
ڪراچي ڌماڪي ۾ ڪو ٻاهريون هٿ ناهي پر پنهنجا ئي ملوث آهن. اهي اطلاع آهن ته خودڪش حملو ڪندڙ بلوچستان جي علائقي نوشڪي جو نوجوان هو جنهن خودڪش ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ ڪراچي جي ڪنهن مقامي هوٽل ۾ ترسيو هو. صاف ظاهر آهي ته کيس ڪنهن ڌر ته ڄاڻ پهچائي هوندي جو هن موقعو ڏسي جاءِ واردات تي پهچي خودڪش حملو ڪيو. چين هن واقعي تي سخت قسم جو بيان جاري ڪيو آهي ۽ واقع ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اهڙي مطالبي بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه چيني ڪائونسل خاني پهچي نه صرف ڏک جو اظهار ڪيو پر واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو يقين ڏياريو.
ملڪ ۾ هن وقت جنهن قسم جي لاقانيونيت پکڙيل آهي ۽ آئي ڏينهن ڪي پي ڪي پنجاب بلوچستان ۽ سنڌ ۾ جنهن قسم جا دهشتگردي وارا واقعا رونما ٿيا آهن يا لهر پکڙجي رهي آهي تنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان رٽ ختم ٿيڻ جو وڏو سبب ننڍن صوبن جي ماڻهن جي حق تلفي آهي. بلوچستان جي نوشڪي جو نوجوان ڪراچي پهچي خودڪش حملو ڪري ٿو وفاق لاءِ لمحه فڪر واري ڳالهه آهي. هن قسم جي حملن کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي اهي حملا وڌي به سگهن ٿا ۽ ملڪ هڪ ڀيرو ڪنهن وڏي دهشتگردي طرف نه هليو وڃي. چين پاڪستان جو ويجهو ڀائرن جيان دوست ملڪ آهي جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي جيڪو وساري نٿو سگهجي. 65 واري پاڪ ڀارت جنگ هجي يا 70 واري چين پاڪستان جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪئي آهي. هن وقت به ملڪ ۾ سي پيڪ جا منصوبا هلي رهيا آهن جنهن سان چار ئي صوبا هڪٻئي جي ويجهو اچي چڪا آهن ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌيو آهي جيڪو استحڪام ملڪ دشمن قوتن کي نٿو وڻي ۽ خاص ڪري بلوچستان ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ چاهين ٿا جتان ڀارت جا پير به مليا آهن ۽ ماضي ۾ اتان ڀارتي ايجنٽ به هٿيڪا ٿيا آهن. ٻيو سبب اهو به آهي جو وفاق بلوچستان جي وسيلن تي قابض آهي جنهنڪري به اتان جا نوجوان باغي ذهن ٿي چڪا آهن ۽ جبلن ۾ لڪيل آهي جتي سندن ذهن تبديل ڪيا پيا وڃن. نوشڪي جو نوجوان خودڪش حملي ۾ ملوث هجڻ به اهڙن ذهنن جي تبديلي چئي سگهجي ٿو پر اهي نوجوان سنڌ ۾ پهچي امن امان تباهه ڪن ڳڻتي جوڳي ڳالهه چئبي.
ڪراچي ڌماڪي کي سامهون رکندي وفاق کي پنهنجيون پاليسيون تبديل ڪرڻيون پونديون ۽ تخريبڪار ذهنن کي ختم ڪرڻ پوندو. ننڍن صوبن کي سياسي توڙي مالي خودمختياري ڏيڻي پوندي. عدالتن کي آزاد رکي عوام کي سستو ۽ جلد انصاف مهيا ڪرڻو پوندو. صوبن جي وسيلن تي مقامي ماڻهن کي حصيدار ڪرڻ گهرجي غربت ۽ جهالت ختم ڪجي. رهيو سوال چين جي تحفظات ۽ سندس ٻن انجنيئرن جي مارجي وڃڻ جو ته ان لاءِ تحقيقاتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ اهي ڪارڻ معلوم هٿ ڪيا وڃن ته هن واقعي جا اصل محرڪ ڪهڙا آهن ڪنهن جا هٿ آهن اهي ظاهر ٿيڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ڪراچي کي محفوظ رکڻ ۽ امن بحال ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي.
چيني انجنيئرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ وارو هي واقعو ڪو معمولي ناهي ۽ ان وقت ٿيو آهي جڏهن ملڪ جون اندروني حالتون بهتر ناهن ۽ سياسي ڏڦير واري صورتحال پئدا ٿيل آهن آئيني بحران الڳ آهي ۽ اسلام آباد ۾ شنگهائي رابطه ڪائونسل جو اجلاس به ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سربراهه ۽ وفود پهچندا اها الڳ ڳالهه آهي ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ فوج طلب ڪري حفاظتي اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن.