سنڌي شاعري ۾ جڏهن به اسين عوامي ۽ رومانوي شاعري جو ذڪر ڪنداسين ته استاد بخاري اسان کي سرفهرست نظر ايندو جنهن پنهنجي شاعري ۾ نت نوان سولا لهجا اظهاري عوامي پذيرائي حاصل ڪئي بخاري وٽ جيڪو رومانوي انداز آهي سو شايد ٻئي ڪنهن شاعر وٽ گهٽ هجي هن شاعري کي وقت جو وندر نه بڻايو هن شاعري کي فطرت جا حسين رنگ ارپي تاريخ جي سيني تي امر بڻائي ڇڏيو انڪري ئي اسين بخاري جي ڀر ۾ ڪنهن به ٻئي شاعر کي نٿا بيهاريون.اوهان هي غزل منظور سخيراڻي جي آواز ۾ ضرور ٻڌو هوندو جنهن ۾ استاد بخاري سونهن کي باڪمال طريقي سان ساراهيو آهي
صورت تنهنجي ڏاڍي سُٺي آ محبت تنهنجي يار مٺي آ،
ماکيءَ ساڻ مکڻ، مون ڏي نيڻ نه کڻ….
عرض ڪري استاد بخاري هي عشق نه آهي نيت نياري،
ڪنهن کي هيئن چوڻ، مون ڏي نيڻ نه کڻ….
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪائنات جو حسين پرتوو سونهن ئي آهي جنهن سان ڪائنات جي خوبصورتي برقرار آهي.سنڌي شاعر به سونهن جي ساراھ بنھ شاعري کي ٻسو ڀائيندا آهن.استاد بخاري رومانس سان گڏوگڏ انقلاب کي به ڳايو آهي جنهن ڪري عام ۾ هن کي انقلابي شاعر طور به ياد ڪجي ٿو
استاد بخاري جي شاعري جيڪا جنهن به دور ۾ پڙهجي اها ان دور جي ئي لڳندي آهي اهو ئي هڪ باڪمال شاعر جو ڪمال هوندو آهي ته هو اهڙو لکي جيڪي پئي پراڻو نه ٿئي.تڏهن ته لطيف سرڪار به چيو هو ته وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.اچو ته استاد بخاري جو هي انقلابي غزل پڙهون
اُجھڻ کان مچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي،
ججھڙ ٿي جيئڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي!
هجي ڍَئو ته مئو ۾ هڻون کونگھرا ڪي،
لنگھڻ کي لڇڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي!
مُٺي ماٺ آهي ڪُٺي قوم پنهنجي،
مچي ڪو ممڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
گھُرون ڇو گبر کان وٺون حق گھوگھي،
پِنڻ کان ڇنڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
ٻنين لئه ونين لئه، وطن جي حدن لئه،
حقن لئه وڙهڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
ڪُوَقتو ڪُريتو نه ٿو موت گھرجي،
مهل تي مرڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
اسين ارتقا جي پڪا عاشق آهيون،
ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
گھُرڻ سان گھُرن جي قسم قرب آ،
اُنهن سان ملڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
مِلي امن انصاف سڀ کي بخاري،
ته جھومڻ، نچڻ ۾ مزو ٿو اچي ڙي.
هي مٿيون غزل استاد بخاري اهڙي عوامي انداز سان لکيو آهي جو دل بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي.
جو وڻيو سو جيءَ سان جُڙجي ويو،
دل چيو، ڪِنهِن جي مٿان ٿورو نه هو.
مُفتَ ۾ محبت کانپوءِ لُٽجي ويو،
ايترو ”استاد“ اَڳُ سَسِتو نه هو.
محبت کانپوءِ مفت ۾ لٽجي وڃڻ اڳ ۾ ايترو سستو نه هجڻ جو اظهار ايترو ته وڻندڙ اظهار آهي جو جنهن تي رڳو واھ واھ ڪرڻ تي دل چوي ٿي.
استاد بخاري جو اصل نالو احمد شاهه جنم 16 جنوري 1930ع ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعه دادو پهرين نوڪري کيس روينيو کاتي ۾ تپيدار طور ملي بعد ۾ تعليم کاتي ۾ استادي جي پيشي سان سلهاڙجي ويو. هنشاعري جي شروعات 1946ع ڪيائين کيس شاعري ۾ استاد کي مشهور شاعر عبدالله اثر جي صحبت متاثر ڪيو تنهن کانپوءِ سندس شاعري رنگ ڪڍڻ لڳي.
استاد جا تخلص آسي، دردي، ۽آخر ۾ پوءِ ”استاد“ بڻيو.هن تعليم سنڌي فائينل سان گڏ عالم فاضل واريو ڊگريون پڻ حاصل ڪيون بقول حافظ خليل ته استاد کي فارسي تي پڻ سٺو عبور هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کان حافظ شيرازي ۽ شيخ سعدي جي شاعري ٻڌندا هئا ۽ جهومندا هئا. هن ڪڪڙ شهر ۽ پوءِ دادو ڊگري ڪاليج ۽ لاڙڪاڻه ڪاليج ۾ نوڪري جا فرائض انجام ڏنا. استاد شاعر سان گڏ هڪ وڏو موسيقار پڻ هو ۽ پنهنجي ڪيترين ئي ڪلامن جون ڌنون پڻ تيار ڪيائين
ڪينسر تنهنجي ڪرت گر رهي اهيا ساڳي، ته نه بچندي ممتاز باقي خلقت هي خدا جي ۽ 9 آڪٽوبر 1992 ۾ بخاري صاحب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
تنهنجو منهنجو ناتو رشتو شايد موت ڇني.استاد وٽ فڪري توڙي فني حوالي سان شاعري ڪٿي به ڪو جهول نٿو ملي.
اوھان جــون عمـريــون گلابــــن ۾ گــذريـون
اسان جـــون حياتيـون عذابــــن ۾ گــذريـون
غــريبــن جـا ٻچــــڙا لنگھــڻ تي سمھـي پيــا
نـوابــن جون راتيــــون شرابـــن ۾ گـــذريـون
ھـو جنت جي واعدن تي واعظ جون راتيـون
حســابــن ڪتــابــــــن ثـــوابــــن ۾ گــذريون
اسان حال دل جو نه اوري سگھياسين”استاد“
وصل جون گھڙيـون بـه حجـابـن ۾ گـذريـون.
استاد بخاري وٽ خارجي ۽ داخلي درد جا جي اپٽار آهن سي وڻندڙ عام کي سمجھه ۾ ايندڙ عام آهن جنهن ڪري بخاري کي اسين اڄ عوامي انقلابي شاعر چئون جو هن وٽ شاعري ۾ ڪي منجهائيندڙ خيال ڳرا لفظ نه آهن هن روز مره جي زندگي جا عام پاسا بيان ڪري سنڌي شاعري کي امر بڻائي ڇڏيو آهي.