ماهه رنگ بلوچ خلاف بزدلاڻي ڪارروائي جي مذمت ڪجي ٿي

رپورٽون آهن ته بلوچستان جي قوم پرست اڳواڻ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪيمٽي جي مرڪزي آرگنائيزر جبري طور کنڀجي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بهادر نياڻي ماهه رنگ بلوچ کي ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو. ماهه رنگ بلوچ  پنهنجي ويڊيو  بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مون کي عالمي مئگزين ٽائيم جي پروگرام  ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ وڃڻو هو پر مون کي بنا ڪي ٺوس ڪارڻ ٻڌائڻ جي نه رڳو روڪيو ويو پر واپسي تي اهلڪارن منهنجي گاڏيءَ تي حملو ڪيو، شيشا ڀڳا، مون تي ۽ سمي بلوچ تي تشدد ڪيو ويو، پاسپورٽ، موبائل ۽ ٻيون ضروري شيون پڻ کسيون ويون.

اسان بلوچ اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ سان ٿيل ان زيادتي واري واقعي کي بلوچستان جي مخصوص سياسي پس منظر ۾ هڪ غيرمعمولي واقعو سمجهون ٿا جنهن جا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ناڪاري اثر پوندا. هي واقعو جيئن ته سنڌ ۾ ٿيو آهي ان حساب سان به پاڻ ماهه رنگ بلوچ سان ٿيل غير اخلاقي ورتاءُ تي شرمنده آهيون پر پاڻ کي اها به پڪ آهي ته ماهه رنگ بلوچ جيئن ته سنڌ جي سياسي پس منظر کان چڱيءَ ريت واقف آهي تنهن ڪري اها ان معاملي ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي ان واقعي جي ميار نه ڏيندي پر پاڻ اخلاقي طور وري به ماهه رنگ بلوچ سان ايڪتا جو اظهار ڪندي ساڻس ٿيل غير اخلاقي ورتاءُ کي هڪ غير جمهوري، غير اخلاقي ۽ بزدلاڻو عمل سمجهون ٿا اسان جو خيال آهي ته هڪ نياڻي تي اهلڪارن کي ڪنهن به سبب هٿ کڻڻ نه گهرجي ها. جيڪڏهن ان کي آمريڪا وڃڻ کان سياسي سبب ڪري روڪڻ ضروري هو ته اها ڪارروائي تشدد ۽ تذليل بنا به ڪري سگهجي پئي. مارڻ جو ته جيڪر پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي قانوني طور اختيار ئي نه هئڻ گهرجي. وڙهبو ته ڏوهارين ۽ دهشتگردن سان آهي سياستدانن سان ته تميز ۽ شائستگي سان پيش اچبو آهي جو اهي ڏوهاري، دهشت گرد ۽ ڌاڙيل ناهن هوندا اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي سياستدانن سان ڏوهارين کان به وڌيڪ خراب ورتاءُ  ڪيو ويندو آهي جنهن جو تازو شڪار اسان جي بهادر بلوچ نياڻي ماهه رنگ بلوچ  ٿي آهي. جنهن جو هن معاملي ۾ رڳو ايترو ڏوهه آهي جو کيس عالمي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت مليل هئي جيڪا کيس اٽينڊ ڪرڻي هئي جنهن جو کيس پاسپورٽ به مليل هو پر حڪومت کي شايد سندس پرڏيهه وڃي اتي هتان جي سياسي نظام تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻي هئي جنهن ڪري کيس وڃڻ نه ڏنو ويو جنهن کي اسان غير جمهوري ۽ بزدلاڻو رويو چئون ٿا.

جيستائين سياسي نظام تي ڳالهائڻ ۽ ان تي سياسي تنقيد ڪرڻ جو تعلق آهي ته اهڙي سياسي تنقيد ته پاڪستان ۾ به ٿيندي رهي آهي، فرق رڳو اهو آهي جيڪو ئي اصل مسئلو آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختو خواهه جو سياستدان ڀلي ڪجهه چوي، جيڪو وڻيس سو چوي بس بندش آهي ته رڳو بلوچستان ۽ سنڌ جي سياستدانن لاءِ آهي.شايد ان جو اهو به سبب هجي جو اسان جون حڪومتون بلوچستان ۽ سنڌ جي سياستدانن کي ملڪ جو حصو نه ٿيون سمجهن، ماهه رنگ بلوچ جو بظاهر اهو ئي ڏوهه ٿو لڳي ته هوءَ بلوچستان جي آهي ۽ هن عدالتن کان مٿانهن جبري گمشدگين ۽ قتلن خلاف سياسي جدوجهد پئي ڪئي آهي ۽ جيڏانهن به وئي آهي اهو آواز اٿاريو اٿائين. شايد ان خوف ۽ خدشي سبب کيس آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ملڪي اسٽيبلشمينٽ ماضي جي  مارشل لائن، نظريه ضرورت وارن عدالتي فيصلن، ملڪي نظام تي تنقيد ڪندڙن کي غدار چوڻ، مٿن سختيون ڪرڻ وارين غلط پاليسن مان ڪجهه به نه سکيو آهي. جيتوڻيڪ اها حقيقت عالم آشڪار آهي ۽ روز جا غير جمهوري ۽ جبرن جا واقعا به ٻڌائيندا رهيا آهن ته اسان ماضي مان نه ڪجهه سکيو آهي ۽ نه ئي سکڻ جو ڪو ارادو آهي پر پوءِ به ماهه رنگ بلوچ واري واقعي تي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن. ماهه رنگ بلوچ  ته ڪنهن ڪيس ۾ گهربل به ناهي تنهن ڪري کيس ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جو ڪو تُڪ ئي ناهي ان سان اڃان به حڪومت، هتان جي جمهوريت، ملڪ ۽ غير سياسي اخلاقيات بدنام ٿيندي جيڪا هونئن به ٿيل  آهي. هاڻي ته هونئن به دنيا گلوبل وليج ٿيڻ پوءِ ڪا ڳالهه، ڪو واقعو ڪنهن کان لڪيل نٿو رهي تنهن ڪري ماهه رنگ بلوچ کي آمريڪا وڃڻ کان روڪڻ تي يقينن سڄي دنيا اندر تنقيد ٿيندي، انساني حقن جون تنظيمون توڙي سياسي جماعتون يقيني طور تي ان عمل خلاف سراپا احتجاج بڻبيون.

ماهه رنگ بلوچ واري واقعي کي جيڪڏهن بلوچستان جي حوالي سان ڏسجي ته تڏهن به حيرت ٿئي ٿي ته هڪ پاسي حڪومت بظاهر بلوچن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي ته ٻئي پاسي اها ملڪ جي حامي بلوچ شخصيتن ۽ ڌرين خلاف اهڙا واقعا ڪرائي انهن کي تاثر ڏئي رهي آهي ته سندس خدشا ڪي بي جواز به ناهن. مشرف جي دور ۾ اڪبر بگٽي کي قتل ڪري بلوچن جي ٻي حامي ڌر کي به پاڻ کان ڌار ڪرڻ جو ڄڻ ته پيغام ڏنو ويو، اختر مينگل کي به پارليامينٽ جي ميمبري ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هاڻي ماهه رنگ بلوچ کي جبري گمشدين خلاف هڪ نُڪاتي سياست به ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي جيڪا بنيادي طور تي انساني حقن سان سلهاڙيل آهي. ۽ به ناهي ته جبري گمشدگين خلاف اهڙو آواز رڳو ماهه رنگ بلوچ ئي اٿاري رهي آهي. اها جدوجهد ته سڄي ملڪ اندر هلي رهي آهي. ملڪ جون عدالتون  به جبري گمشدگين ۽ قتل کي عدالتن کان مٿانهون ۽ غير قانون ڪارروايون قرار  ڏينديون رهيون آهن.

بهرحال ٿيڻ ائين گهرجي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ انهن تلخ تجربن مان سکي نه ته خطرو آهي ته ملڪ رڳو هڪ صوبي تائين نه محدود ٿي وڃي. هاڻي ته ملڪ جون حامي ڌريون ايستائين جو پي ٽي آءِ جي جماعت به بغاوت تي لهي آئي آهي ۽ خيبر پختون خواهه جو  وڏو وزير پنهنجي ڌار پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ جا اشارا ڏئي رهيو آهي.

ماهه رنگ بلوچ سان انتهائي خراب نموني ورتاءُ ڪيو ويو آهي جنهن ڪري هن هڪ ويڊيو بيان ۾ پڻ ميار ڏني ته اهڙا عمل ڪري آخر اوهان اسان کي ڪهڙي دڳ لائڻ چاهيو ٿا. ماهه رنگ بلوچ صاحبه اهو چوڻ ۾ برابر حق بجانب آهي ته جيڪڏهن ملڪ جا ٻيا سڀ شهري پرڏيهه وڃي سگهن ٿا ته ماهه رنگ بلوچ ڇو نه ٿي وڃي سگهي ۽ ان کي روڪڻ جو ڇا سبب آهي اهي سبب ئي ته بلوچ عوام اندر احساس محرومي کي شديد ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي هن واقعي کي پڻ اسان ماهه رنگ بلوچ کي قومي ڌارا کان پري ڪرڻ جي هڪ سازش سمجهون ٿا جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.