يورپ ۾کاٻي ڌر جي پارٽين جو اُڀار

ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي

هن وقت يورپ ۾ حقيقي ليفٽ جيڪو نوجوانن ۽ مزدورن تي ٻڌل آهي اهو اڀري رهيو آهي. برطانيا ۾ جرمني ڪاربن جيڪو سوشلسٽ رهنما آهي، ان کي برطانيا جي ليبر پارٽي مان دوکو ڏئي ڪڍيو ويو ڇاڪاڻ ته هن ليبر پارٽي کي حقيقي معنيٰ ۾ سوشلسٽ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي هئي. هاڻي هي هڪ نئين کاٻي ڌر جي پارٽي برطانيا ۾ ٺاهي رهيو آهي، هڪ سروي جي مطابق هن جي  تحريڪ جيڪڏهن زور ورتو ته برطانيا جي ايندڙ اليڪشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهي ٿو.

جرمني ۾ The Link پارٽي جيڪا مزدورن جي حقيقي پارٽي آهي، هن سال فيبروري جي اليڪشن ۾ 8.8 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن، ان سان گڏ ھن جرمني جي پارليامينٽ ۾ 64 سيٽون حاصل ڪيون آهن. هن جي ڪارڪردگي 2017 کان ٻيڻي ٿي وئي آهي. جرمني جي هڪ نشرياتي اداري ARD مطابق هي پارٽي جرمني ۾ سڀني کان مقبول ٿي رهي آهي. ان کان سواءِ جرمني ۾ ساراويگن ڪريڪس جي نئين پارٽي PSW جي اليڪشن ۾ 4.8 سيڪڙو ووٽ کنيا آهن، صرف چند هزار ووٽ گهٽ ٿيڻ جي ڪري پارليامينٽ ۾ نه پهچي سگهي آهي. جرمن قانون جي مطابق پارليامينٽ ۾ پهچڻ جي لاءِ 5 سيڪڙو ضروري آهن.

آئرلينڊ ۾ شين فين هڪ سوشلسٽ پارٽي آهي، اتي جي تازي سروي مطابق هن کي 31 سيڪڙو ماڻهن جي حمايت حاصل آهي. آئينده اليڪشن ۾ هڪ مضبوط سياسي پارٽي جي طور تي اڀري سگهي ٿي.

يونان ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف گريس KKE 20 سالن کان عوامي حمايت حاصل رهي آهي هن جي مبقوليت  7کان 8 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. اسپين ۾ ترقي پسند رهنما يولاندا دياس هن ملڪ ۾ هڪ ترقي پسند اتحاد“سومار” جو اهم رهنما آهي هن جي پارٽي اسپين ۾ اپوزيشن جي وڏي جماعت آهي.

پرتگال ۾ ليفٽ بلاڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽين جا پنهنجا مضبوط بنياد رهيا آهن. ناروي جي سوشلسٽ پارٽي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. ڊين مارڪ ۾ ليفٽ جو اتحاد جيڪو تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي، اتي جي هڪ سروي مطابق يورپ جا 42 سيڪڙو نوجوان سمجھن ٿا ته سوشلسٽ نظام سرمائيداري نظام کان بهتر آهي، جڏهن ته 2015 ۾ هنن جي مقبوليت 28 سيڪڙو هئي. هي پڪا اشارا آهن ته يورپ جو نئون نسل قوم پرست ۽ نيو لبرل پاليسين مان تنگ ٿي پيا آهن، اهي هاڻي کاٻي ڌر جي حقيقي اصولن ڏانهن راغب ٿي رهيا آهن. اهي سڀئي نشانيون ٻڌائين ٿيون ته يورپ ۾ ليفٽ جي تحريڪ زور وٺي رهي آهي، مستقبل ۾ ليفٽ جون پارٽيون يورپ جي موجوده شڪل کي تبديل ڪري ڇڏينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.