ٿليسيميا رت سان لاڳاپيل هڪ موروثي بيماري آهي، جيڪا والدين مان ٻارن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي. هن بيماري ۾ جسم ۾ هيموگلوبن ٺهي نٿو سگهي، جنهن سبب رت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن علاج نه ٿئي ته موت جو خطرو به وڌي وڃي ٿو. اهڙن مريضن کي جيئڻ لاءِ باقاعدي طور رت چڙهائڻو پوي ٿو، جيڪو سڄي زندگي جاري رهندو آهي. سڀ ڄاڻن ٿا ته رت زندگيءَ جي بقا لاءِ ڪيترو ضروري آهي.
ٿليسيميا جون عام علامتون:
هڏن جو صحيح نموني نه وڌڻ، خاص ڪري چهري جون هڏيون متاثر ٿين ٿيون، جن مان بيماريءَ جو پتو لڳائي سگهجي ٿو.
پيشاب جو ڳاڙهسرو رنگ، جسم جي واڌ ويجهه ۾ رنڊڪ، تمام گهڻي ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري، بک ۾ گهٽتائي، معدي تي سوجن، جلد جو پيلو رهڻ، دل جي ڌڙڪن ۾ بي ترتيبي. اهي سڀ علامتون هر مريض ۾ هڪجهڙيون نه هونديون آهن، ۽ عمر سان گڏ ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
ٿليسيميا ڇو ٿيندي آهي؟
هي بيماري رت جي جين (gene) ۾ نقص سبب پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان جسم ۾ هيموگلوبن ٺهڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ مان ڪنهن هڪ ۾ هي نقص موجود هجي ته ٻار ۾ ’ٿليسيميا مائنر‘ ٿي سگهي ٿي، جيڪا هلڪي نوعيت جي هوندي آهي. پر جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ٻئي ’تھليسيميا جين‘ جا کڻندڙ هجن ته امڪان آهي ته انهن جو ٻار ’ٿليسيميا ميجر‘ سان پيدا ٿئي، جيڪا تمام سنگين ۽ سڄي زندگي ساڻ هلندڙ بيماري آهي.
پاڪستان ۾ ٿليسيما جا سبب ۽ حالتون:
پاڪستان ۾ هي بيماري تمام عام ٿي چڪي آهي. هڪ محتاط اندازي موجب ملڪ جي 5 سيڪڙو کان 7 سيڪڙو آبادي ’تھليسيميا جين‘ کڻي ٿي، ۽ هر سال لڳ ڀڳ 5000 کان 8000 نون ٻارن ۾ هي بيماري ظاهر ٿئي ٿي. سڀ کان وڏي سبب ۾ هڪ اهو آهي ته ماڻهو خاندان اندر شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، اهو عمل جيني نقصان جي منتقليءَ جا امڪان وڌائي ٿو.
احتياط ۽ جاچ ضروري آهي:
ضروري آهي ته شاديءَ کان اڳ مرد ۽ عورت ٻئي پنهنجي رت جي اسڪريننگ ڪرائين. هي هڪ سادي ٽيسٽ آهي جنهن سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته انهن ٻنهي مان ڪنهن وٽ ’ٿليسيميا جين‘ ته موجود ناهي. جيڪڏهن ٻنهي ۾ هي جين موجود هجي ته اهڙي شاديءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي صورت ۾ لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو امڪان هوندو ته سندن ٻار ’تھليسيميا ميجر‘ جو مريض ٿي پيدائشي طور تي بيمار ٿيندو.
پاڪستانين کي لازمي آهي ته هو پنهنجن ايندڙ نسلن کي هن خطرناڪ بيماريءَ کان بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻن، نه ڪي خانداني روايتن جي نالي تي بيماريءَ کي وڌائين.
فاطميد فائونڊيشن جو ڪردار:
فاطميد فائونڊيشن 1978ع کان وٺي ’ٿليسيميا‘ ۽ ٻين رت سان لاڳاپيل بيمارين جي مريضن جي خدمت ڪري رهي آهي. هيءَ هڪ غير منافع بخش اداري طور ڪم ڪري ٿي. مرحوم ناظم جيوا هن فائونڊيشن جو باني هو. اڄ به فاطميد جي ٽيم ساڳئي عزم سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ مريضن کي مفت علاج ۽ رت مُهيا ڪري ٿي. اهو مشن ملڪ جي ڪيترن شهرن تائين پکڙيل آهي ــ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، پشاور، ملتان، ڪوئيٽا، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، راشد آباد ۽ ڊيره اسماعيل خان تائين. سڀ مرڪز بنا ڪنهن فيس جي مريضن کي علاج ۽ رت جي فراهمي ڪن ٿا.
هر سال فاطميد فائونڊيشن جي منظم نظام تحت 14 هزار کان وڌيڪ مريضن کي هڪ لک يونٽ رت مهيا ڪيو وڃي ٿو، ۽ ٻين علاج جون سهولتون پڻ مفت ڏنيون وڃن ٿيون. اداري وٽ اهڙي سهولت به آهي جو ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ والدين جو ’بيٽا ٿليسيما جين‘ ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿو ته جيئن جيڪڏهن امڪان هجي ته ٻار کي بيماري نه ٿئي. هي قدم نه صرف زندگي بچائي ٿو پر والدين ۽ سماج کي خوشيون به ڏئي ٿو، ڇوته هڪ صحتمند نسل ئي اسان جو مستقبل آهي. فاطميد فائونڊيشن جون سڀ سهولتون عطين، رضاڪارن ۽ ڪميونٽي جي مدد سان هلن ٿيون.جيڪڏهن توهان وڌيڪ ڄاڻڻ يا مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته فاطميد فائونڊيشن جي ويب سائيٽ fatimid.org تي وڃو يا هيٺ ڏنل نمبر ۽ اي ميل تي رابطو ڪريو:
+92-21-3253323