ليجنڊ گلوڪار عطاالله خان عيسيٰ خيلوي انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي قبر اڳواٽ تيار ڪرائي ڇڏي آهي.
تازو هڪ انٽرويو دوران عطاالله خان پنهنجي زندگي بابت مختلف ڳالهين تي روشني وڌي.
آخرت بابت ميزبان جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون پنهنجي قبر تيار ڪرائي آهي، جيڪا عيسيٰ خيل ۾ موجود آهي.
ليجنڊ گلوڪار وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جو خانداني قبرستان الڳ آهي، پر مون پنهنجي قبر خانداني قبرستان کان ٿوري مفاصلي تي ٺهرائي آهي. ان جاءِ تي ٻه يا ٽي قبرون ٺاهڻ جي به گنجائش موجود آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجا ڪيترائي ويجها دوست هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، منهنجا ماءُ، پيءُ ۽ هڪ ڀيڻ به هن فاني دنيا مان وڇڙي ويا آهن. اسان سڀني کي به هڪ ڏينهن هن دنيا مان وڃڻو آهي.