دوستي جي آڙ ۾ دغا: افغانستان، ڀارت جي پراڪسي جنگ جو ميدان

مبصر

چاليهه سالن کان وڌيڪ، پاڪستان افغان ڀائرن جو بار ايمانداري سان کنيو آهي۔ اسان جا دروازا ۽ دليون هميشه انهن لاءِ کليل رهيون۔ سندن ٽي نسل اسان جي زمين تي وڏا ٿيا، پر اسان ان مهمان نوازي جي ڪا به قيمت نه گهري،  رڳو امن، اعتماد ۽ احترام جي اميد رکون ٿا۔ اڄ اها نيڪ خواهش ڪابل جي حڪومت جي هٿان پامال ٿي رهي آهي، جيڪا ٽي ٽي پي ۽ داعش جهڙن دهشتگردن کي نظرانداز ڪري رهي آهي۔ اهي پاڪستان تي حملا ڪري سرحد پار پناهه وٺن ٿا۔ اسان جو مسئلو افغان عوام سان ناهي، پر ان قيادت سان آهي، جيڪا دوستي کي دغا ڏئي رهي آهي۔

اسان جو مطالبو سادو هو، پنهنجي سرزمين کي اسان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيو۔ پر ان جي جواب ۾ طالبان قيادت ڀارت جي جھولي ۾ ويهي رهي آهي۔ اهو ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو ثبوت آهي۔ اجيت دوول صاف چيو هو ته "اسان طالبان کي فنڊنگ فراهم ڪنداسين” ته جيئن انهن کي پاڪستان خلاف استعمال ڪري سگهجي۔ اڄ ڪابل جو عمل انهن منصوبن کي سچو ثابت ڪري رهيو آهي۔ هر حملي جي پويان هندستاني پئسو ۽ افغاني پناهه گاهون آهن۔

هاڻي اسان جو صبر ختم ٿي چڪو آهي۔ افغانستان اندر 200 کان وڌيڪ دهشتگردن کي مارڻ ۽ 21 اڏا تباهه ڪرڻ ڪو حملو ناهي، پر پنهنجو دفاع آهي۔ اسان جو پيغام صاف آهي، افغانستان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو امن جو ساٿي ٿيندو يا ڀارت جي پراڪسي جنگ جو ميدان۔ توهان جنهن سان چاهيو، لاڳاپا رکو، پر ڀارتي اثر کي پنهنجي زمين تان پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.