گم ٿيل ٻارڙا ۽ سنڌ حڪومت جي منجهائيندڙ پاليسي

سامي ميمڻ

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا واقعا به آهن، جيڪي وقت جي وهڪري سان وسرڻ بدران وڌيڪ گهرا ٿيندا وڃن ٿا. پريا ڪماري جو ڪيس به انهن واقعن مان هڪ آهي. پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود هڪ معصوم نياڻي جي بازيابي نه ٿيڻ نه رڳو سندس خاندان لاءِ هڪ نه ڀرندڙ گهاءُ آهي، پر اهو ادارن، قانون لاڳو ڪندڙ قوتن ۽ انساني حقن جي تحفظ بابت ڪيترن ئي سوالن کي به جنم ڏئي ٿو.پريا ڪماري جي گمشدگي کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج، ريليون، پريس ڪانفرنسون ۽ سوشل ميڊيا مهمون جاري رهيون. وقت بوقت مختلف جاچ ٽيمون پڻ جوڙيون ويون، اميدون پيدا ٿيون، پر هر ڀيري نتيجو ساڳيو رهيو ڪجهه ڏينهن اڳ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ قائم احتجاجي ڪيمپ تي پوليس ڪارروائي ۽ ان کان پوءِ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن لياقت جلباڻي، سهڻي پارس ۽ ٻين جي گرفتارين واريون خبرون سامهون آيون جيڪڏهن احتجاج ڪندڙن جو بنيادي مطالبو گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي آهي، ته پوءِ سوال اهو آهي ته حڪومت احتجاج کي مسئلو سمجهي ٿي يا مسئلي جي پاڙ تائين پهچڻ کي؟

انساني حقن جي تنظيمن جو ڪردار پڻ هتي سوال هيٺ اچي ٿو. جڏهن ڪنهن عالمي يا قومي اهميت واري معاملي تي بيان جاري ڪرڻ، سيمينار منعقد ڪرڻ يا سوشل ميڊيا مهم هلائڻ جي ڳالهه اچي ٿي، ته ڪيترين ئي تنظيمن جي سرگرميون نظر اچن ٿيون. پر پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي معاملي تي اها سرگرمي ان شدت سان نظر نه آئي، جنهن جي توقع ڪئي پئي وئي.انساني حقن جي تنظيمن جي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. ڇا هڪ معصوم ٻار جي گمشدگي انساني حقن جو مسئلو ناهي؟ ڇا هڪ خاندان جو سالن تائين اذيت ۾ رهڻ ڪنهن رپورٽ يا مهم جو حصو نه هجڻ گهرجي؟ ڇا انساني حق صرف چونڊيل معاملن تائين محدود آهن؟انصاف جي جدوجهد ۾ سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جون تنظيمون اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. اهي ادارن ۽ حڪومت تي اخلاقي دٻاءُ وجهنديون آهن، متاثر ڌرين جي آواز کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پهچائينديون آهن ۽ ڪيسن جي شفاف جاچ لاءِ ماحول پيدا ڪنديون آهن. جيڪڏهن اهي تنظيمون خاموش رهنديون، ته پوءِ متاثر خاندان پاڻ کي وڌيڪ اڪيلو محسوس ڪندا.

ٻٻرلوءِ واري احتجاجي ڪيمپ تي ڪارروائي پڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. جيڪڏهن احتجاج پُرامن هو، ته ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جي استعمال جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ۽ جيڪڏهن قانوني سبب موجود هئا، ته انهن بابت واضح ۽ بروقت موقف ڇو نه سامهون آندو ويو؟ اهڙن معاملن ۾ شفافيت انتهائي ضروري هوندي آهي حڪومت جي طاقت جو اصل امتحان اختلاف کي برداشت ڪرڻ ۾ هوندو آهي. جمهوريت ۾ احتجاج کي هميشه آخري نه، پر هڪ جائز آواز طور ڏٺو ويندو آهي. خاص طور تي جڏهن اهو احتجاج ڪنهن معصوم ٻار جي بازيابي لاءِ هجي، ته ان سان حساسيت، برداشت ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ گهرجي.هي به حقيقت آهي ته پريا ڪماري جي والد راجڪمار ڪيترن ئي موقعن تي جاچ ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪرڻ ۽ موجوده جاچ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اهو هڪ مثبت پهلو آهي، جنهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن جاچ جاري آهي، ته پوءِ ان جا نتيجا جلد سامهون اچڻ گهرجن، جيئن نه رڳو هڪ خاندان جي تڪليف ختم ٿئي، پر سماج ۾ پيدا ٿيل بي يقيني به ختم ٿي سگهي.

سنڌ جي ماڻهن پريا ڪماري کي رڳو هڪ خاندان جي نياڻي نه، پر پنهنجي نياڻي سمجهيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو پنج سال گذرڻ باوجود سندس نالو ماڻهن جي دلين ۽ دعائن ۾ زنده آهي. هڪ سماج جي سڃاڻپ ان ڳالهه مان ٿيندي آهي ته هو پنهنجي ڪمزور ۽ بي وس ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو.حڪومت کي گهرجي ته پريا ڪماري ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي ڪيسن بابت هڪ جامع ۽ شفاف پاليسي جو اعلان ڪري. جيڪڏهن جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ته ان بابت عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ آهي، ته ان کي به واضح ڪيو وڃي. ساڳئي وقت، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي، ڇو ته ڳالهه ٻولهه هميشه تڪرار کان بهتر هوندي آهي.انساني حقن جي تنظيمن کي به پنهنجي ترجيحن جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ معصوم نياڻي جي گمشدگي ۽ هڪ خاندان جي پنجن سالن جي اذيت به انهن جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، ته پوءِ انساني حقن جي تصور کي وڌيڪ وسيع ۽ عملي بڻائڻ جي ضرورت آهي.آخر ۾، پريا ڪماري جو ڪيس صرف هڪ قانوني يا انتظامي معاملو ناهي. اهو انصاف، انساني همدردي، ذميواري ۽ سماجي ضمير جو امتحان آهي. سنڌ جا ماڻهو اڄ به اهو سوال پڇن ٿا: "پريا ڪماري ڪٿي آهي؟”شايد هن سوال جو جواب صرف هڪ خاندان نه، پر پوري سماج جي بيچيني کي ختم ڪري سگهي. ۽ شايد ان ڏينهن، جڏهن پريا ڪماري پنهنجي گهر واپس پهچندي يا هن معاملي جي مڪمل سچائي سامهون ايندي، تڏهن ئي هيءَ ڊگهي ۽ دردناڪ ڪهاڻي پنهنجي انجام تي پهچندي.

You might also like