لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ميڊيا رپورٽن ۾ رانديگرن جي ظابظن ۽ رويي بابت سامهون آيل معاملن تي اندروني ڊسيپلينري جاچ شروع ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پي سي بي جي ترجمان عامر مير موجب، بورڊ اهڙن معاملن کي پنهنجي معمول جي طريقيڪار تحت ڏسي رهيو آهي ۽ جاچ پي سي بي جي ضابطن موجب ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل ماڻهن جي موقف کي مناسب اهميت ڏني ويندي.
عامر مير چيو ته ان مرحلي تي مختلف پليٽ فارمن تي گردش ڪندڙ افواهه ۽ غير تصديق ٿيل دعوائن کي سچ نه سمجهيو وڃي، خاص طور تي اهي دعوائون جيڪي مبينا طور تي ٻاهرين مخالف ذريعن وٽان سامهون اچي رهيون آهن.
هن چيو ته پي سي بي هن وقت معاملي تي وڌيڪ تبصرو نه ڪندو، جڏهن ته بورڊ لاڳاپيل ڌرين ۽ عوام کي صلاح ڏني آهي ته هو ڄاڻ لاءِ پي سي بي جي سرڪاري بيانن ۽ رابطن تي ڀروسو ڪن.
You might also like