ايشين گيمز جي مينز ۽ وومينز ڪرڪيٽ مقابلن جو شيڊيول جاري

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايشين گيمز ۾ مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ مقابلن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل شيڊيول موجب، ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا 17 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين ٿيندا، ايونٽ ۾ پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 17 سيپٽمبر تي ٿائيلينڊ خلاف کيڏندي.
20 سيپٽمبر تي سيمي فائنل جا ميچ کيڏيا ويندا، جڏهن ته وومينز فائنل ۽ ٽئين پوزيشن واري ميچ 22 سيپٽمبر تي ٿيندي.
مينز ڪرڪيٽ جو ڪواليفائنگ رائونڊ 24 کان 26 سيپٽمبر تائين کيڏيو ويندو، پهرين آڪٽوبر تي ٻئي سيمي فائنلز کيڏيا ويندا.
پاڪستان مينز ٽيم 28 سيپٽمبر تي گروپ بي ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيم خلاف مقابلو ڪندي، جڏهن ته ايشين گيمز ۾ مينز ڪرڪيٽ جو فائنل 3 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو.
ايونٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا سيڊڊ ٽيمن ۾ شامل آهن، جيڪي سڌو سنئون ڪوارٽر فائنل کيڏنديون.

You might also like