ايران سان جنگ نار ملڪن جون ڪمزوريون وائکيون، رڳو آمريڪا تي ڀاڙي نٿو سگهجي، بچاءَ لاءِ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو: قطر

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته ايران جنگ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته خليجي ملڪ پنهنجي سلامتي لاءِ رڳو آمريڪا سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ تي ڀاڙي نٿا سگهن.
ابوظهبي ۾ هيلي فورم کي خطاب ڪندي ماجد الانصاري چيو ته خليجي خطي ۾ بين الاقوامي فوجن جي موجودگي ۽ آمريڪا سان اسٽريٽجڪ اتحاد انتهائي اهم آهي، پر اهو ڪافي ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته سلامتي جي معاملي ۾ پاڻڀرائي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، جڏهن ته نار وارن ملڪن کي پنهنجن ساٿين ۽ اتحادي ملڪن جي ضرورت آهي، پر اهي رڳو انهن تي پنهنجي سلامتي لاءِ ڀاڙي نٿا سگهن.

 

You might also like