تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪي بچاءِ واري وزير پيٽ هيگسيٿ جي بيان جو جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايراني ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو ته تهران آمريڪي هدفن کي به نشانو بڻائيندو.
سومر ڏينهن ايڪس تي آمريڪي بچاءَ واري وزير کي مخاطب ٿيندي قاليباف چيو ته ”جيڪڏهن اسان جي انفرااسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويو ته جواب ۾ اوهان کي به نشانو بڻايو ويندو.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اسان اهو اڳ به ثابت ڪري چڪا آهيون، انهن آمريڪي اڏن کان پڇي وٺو، جيڪي هاڻي استعمال لائق نه رهيا آهن.“
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو هو ته ”جيڪڏهن ايران آمريڪي سامونڊي جهازن تي حملو ڪندو ته اسان انهن جا آئل ٽينڪر تباهه ۽ ٻوڙي ڇڏينداسين، ايران کي گهرجي ته آمريڪي نيوي تي حملا نه ڪري.“
هن وڌيڪ چيو هو ته ”ايراني آئل ٽينڪر پنهنجو دفاع ڪرڻ جي قابل ناهن، ايران وٽ نه بحري فوج آهي ۽ نه ئي هوائي فوج، اسان جا جهاز، بحري ٻيڙا ۽ آبدوزون جڏهن چاهين انهن کي نشانو بڻائي سگهن ٿيون.“
”اسان کي نشانو بڻايو ته اوهان جا هدف به محفوظ نه رهندا“، ايران جي آمريڪا کي ڌمڪِي
You might also like