پنجاب ۾ ڪروڙين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پر سڀني کي رڳو سنڌ نظر اچي ٿي: سردار شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ لڳ ڀڳ هڪجهڙو ئي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سردار شاهه چيو ته سمورن صوبن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ڊيٽا تقريبن ساڳي آهي، پنجاب ۾ هڪ ڪروڙين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پر سڀني کي رڳو سنڌ نظر اچي ٿي.
سيد سردار شاهه چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان پهريان سنڌ ٽيچنگ لائسنس لازمي قرار ڏنو، جڏهن ته صوبي ۾ شفاف طريقي سان ٽيسٽ پاس ڪندڙ 97 هزار استادن کي هڪ ئي وقت ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو.
تعليم واري وزير چيو ته صوبي ۾ 20 هزار تباهه ٿيل اسڪولن مان 6 هزار اسڪولن کي بهتر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته 14 هزار اسڪول اڃا تائين تباهه حال آهن. هن چيو ته جتي به موقعو ملي رهيو آهي، اتي اسڪولن کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
سردار شاهه وڌيڪ چيو ته ”اوهان اسان کي سپورٽ نٿا ڪريو ته ڪا ڳالهه ناهي، پر طنز نه ڪريو.“

You might also like