ٽِين ٽيسٽ ۾ ڪنهن کي ويهاري، ڪنهن کي کيڏائجي؟ مائڪ هيسن فيصلو نه ڪري سگهيو

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ايجبسٽن ٽيسٽ لاءِ پاڪستان جي 11 رڪني ٽيم بابت نئين هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن اڃا ڪنهن حتمي فيصلي تي نه پهتو آهي.
9سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ٽِين ۽ آخري ٽيسٽ لاءِ لارڊز ٽيسٽ کانپوءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن.
محمد رضوان، امام الحق، خرم شهزاد ۽ علي عثمان جي جاءِ تي نوان رانديگر شامل ٿيڻ تقريبن يقيني آهي.
وڪيٽ ڪيپر غازي غوري جي ايجبسٽن ۾ ٽيسٽ ڊيبيو جا امڪان روشن آهن، جڏهن ته صائم ايوب ۽ اذان اويس جي اوپننگ ڪرڻ جو امڪان آهي.
اسپن بالنگ ۾ تجربيڪار ساجد خان ۽ نوجوان آل رائونڊر عرفات منهاس مان ڪنهن هڪ جي چونڊ تي غور جاري آهي، جڏهن ته آگسٽ 2026ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ 20 ورهين جو فاسٽ بالر عبيد شاهه به پنهنجي ڪيريئر جي ٻي ٽيسٽ کيڏڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.

You might also like