لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو انگلش ڪپتان ڪيون پيٽرسن ٻيهر انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم سان شامل ٿي ويو آهي، کيس ايندڙ سال ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ اسپيشلسٽ مينٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
پيٽرسن برينڊن ميڪلم جي ڪوچنگ اسٽاف سان گڏ ڪم ڪندو ۽ ٽيم جي بيٽرن کي پنهنجي تجربي مان فائدو پهچائيندو.
هو آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دورن سان گڏ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز دوران به ٽيم سان گڏ هوندو.
ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته 2014ع کانپوءِ ٻيهر انگلينڊ جي جرسي پائڻ سندس لاءِ انتهائي اعزاز ۽ خاص لمحو آهي، جڏهن ته ميڪلم سندس تجربي ۽ ڄاڻ کي ٽيم لاءِ انتهائي قيمتي قرار ڏنو آهي.
You might also like