سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي سليڪٽرن خراب فارم باوجود مارنس ليبوشين کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي، جڏهن ته ڪوپر ڪونولي، مائيڪل نيزر ۽ ميٿيو ڪهنيمان کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مارنس ليبو شين جولاءِ 2023ع کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي آخري سينچري کان وٺي 43 اننگز ۾ رڳو 24.69 جي ايوريج سان رنسون ٺاهيون آهن. ان باوجود کيس ون ڊائون پوزيشن تي برقرار رکيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ آسٽريلوي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين جارج بيلي جو چوڻ آهي ته ليبوشين کان وڌيڪ رنسن جي اميد آهي، پر کيس پڪ آهي ته هو ٽيم لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
جارج بيلي ڪونولي بابت چيو ته هو سٺو رانديگر آهي، جيڪو مختلف فارميٽس ۾ مسلسل بهتر ٿي رهيو آهي، ڪونولي سکڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ پنهنجي راند کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
بيلي جو چوڻ آهي ته ڪونولي مستقبل ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽاپ ٽن نمبرن تي بيٽنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اسڪواڊ ۾ جوش انگلس کي واڌو بيٽر ۽ وڪيٽ ڪيپر طور شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميٿيو رينشا کي به اوپنر طور برقرار رکيو ويو آهي، رينشا بنگلاديش خلاف سيريز ۾ جيڪ ويدرالڊ جي جاءِ والاري هئي.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽريوس هيڊ ۽ ميٿيو رينشا جي اوپننگ ڪرڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ ڪنهن ٻئي اسپيشلسٽ اوپنر کي اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
ٽريوس هيڊ کي ٻيهر نمبر 5 تي آڻڻ ۽ اسٽيو سمٿ کي ون ڊائون تي موڪلڻ بابت به غور ويچار ٿي رهيو آهي.
اسڪواڊ ۾ ميٿيو ڪهنيمان کي به شامل ڪيو ويو آهي، هو 2025ع جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۽ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ ٻيو اسپنر هو، پر ايشز سيريز لاءِ کيس شامل نه ڪيو ويو هو.
ڏکڻ آفريڪا جي پچن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي آسٽريليا طرفان هڪ ئي وقت ٻن اسپنرن کي کيڏائڻ جو امڪان گهٽ آهي، جڏهن ته ڪهنيمان جي موجودگي سان آسٽريلوي بيٽرن کي ڏکڻ آفريڪي اسپنر ڪيشو مهاراج جي تياري ۾ به مدد ملندي.
مائيڪل نيزر آگسٽ جي شروعات ۾ ٽريننگ ڪيمپ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو، پر هاڻي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ کيس پنجين فاسٽ بالر طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٻين فاسٽ بالرَن ۾ پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ ۽ اسڪاٽ بولينڊ شامل آهن.
ڪيمرون گرين ۽ بيو ويبٽر کي آل رائونڊرن طور اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ آسٽريلوي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾پيٽ ڪمنز (ڪپتان)، اسڪاٽ بولينڊ، ايلڪس ڪيري، ڪوپر ڪونولي، ڪئمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، ميٿيو ڪهنيمان، مارنس ليبو شين، نيٿن ليون، مائيڪل نيزر، ميٿيو رينشا، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ ۽ بيو ويبٽر.
ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان، خراب فارم باوجود ليبوشائين تي سليڪٽر مهربان
You might also like